سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڪڏهن ملندو؟
February 20, 2017 at 11:00 pmاعجاز ممنائي
ڪائنات جو هرهڪ جزو جهڙي طرح ارتقا جو پابند آهي تهڙي طرح زبان به آهستي آهستي پنهنجي ڪمال جي مرتبي تي پهچي ٿي جيئن هڪ ننڍڙو ٻار جڏهن پنهنجي زبان کولي ٿو تڏهن ان جي ٻوليءَ جي تدريجي ترقيءَ طرف حڪيمانه نظر وڌي وڃي ته هوند هيءُ فلسفو پوري دنيا کي چڱي ريت سمجهه ۾ اچي وڃي پر اسان جي ماهرن ان فلسفي کي منجهيل سُٽ وانگر اهڙو ته منجهائي ڇڏيو آهي جو عام ماڻهوءَ کي پنهنجي ٻوليءَ جي اهميت جي ئي خبر نه ٿي پوي جيڪڏهن ڪو عاقل ٻوليءَ جي اهميت بيان ڪري ٿو ته اهي اڪابر کلڻ لڳن ٿا ۽ چون ٿا ته ٻولين جي بقا تڏهن ممڪن آهي جڏهن پنهنجي مادري زبان کي اهميت ڏني وڃي اڄ شهر جي ٻولي الڳ ته ڳوٺ جي ٻولي الڳ پيش ڪئي وئي آهي جڏهن ته محقق ان ڳالهه تي متفق آهن ته حقيقي ٻولي اها آهي جو ننڍو ڳالهائي ته وڏو سمجهي ، وڏو ڳالهائي ته ننڍو سمجهي ، شهري ڳالهائي ته ڳوٺاڻو سمجهي ۽ ڳوٺاڻو ڳالهائي ته شهري سمجهي جيڪڏهن ائين نه ٿو ٿئي ۽ پنهنجي ٻوليءَ ۾ ڌارين ٻولين جا لفظ ٽنبيا وڃن ته اها ٻولي بگاڙ طرف وڌندي ويندي پر ڪي ماهر چون ٿا ته ان سان ٻوليءَ جي ترقي ٿئي ٿي انهن جي راءِ ۽ سوچ اها به آهي ته اسان جي ٻولي وسيع ٻولي آهي ۽ ايترو پيٽ رکي ٿي جو ٻين ٻولين جا لفظ به جذب ۽ هضم ڪرڻ جي سگهه رکي ٿي ان ڪري ٻوليءَ جو سينگار وڌي ٿو ۽ اهو فطري عمل آهي جيڪڏهن اهو فطري عمل آهي يا ائين ڪرڻ صحيح آهي ته پوءِ انسان سان گڏ جانورن کي ائين ڪرڻ گهرجي هان ته هڪ ڪتو شينهن جي ٻولي سکي هان هڪ ڪڪڙ بدڪ جي ٻولِي ٻولي هان مطلب ته هر جاندار پنهنجي ٻوليءَ سان گڏ ٻين جاندارن جي ٻولي ضرور ڳالهائي هان پر ائين نه آهي جيڪا به ٻولي ڳالهائي وڃي اها نج هجڻ گهرجي ڇوته ٻوليون سکڻ ۾ ڪو حرج نه آهي پر پنهنجي ٻوليءَ جي بقا ۽ سلامتيءَ لاءِ ڪي جوڳا انتظام ڪرڻ به گهرجن ڇوتهڊاڪٽر الهداد ٻوهيو موجب ٻولي ان اظهار جو نالو آهي جيڪو “ارادي” ۽ “طريقي” سان آهي ٻوليءَ جي باري ۾ “ارادي” جو تعلق خيال ،سوچ، ويچار ، تجربي مشاهدي ضرورت جي احساس ۽ فطري گُھر يا تقاضا کان سواءِ علم ۽ احساس سان آهي ۽ ضابطي جو تعلق ٻوليءَ جي خارجي نظامن جهڙوڪ لفظي نظام، صوتياتي نظام ۽ معنوي نظام وغيره سان آهي
ٻين جيوَن ۽ جانورن جي وچ ۾ هڪ ٻئي سان جيڪو اظهار ٿئي ٿو ان ۾ نه “ارادي” کي ڪو دخل آهي ۽ نه ئي “طريقي” کي ڪا اهميت آهي ان مان ظاهر آهي ته ڪلچر سرشتي جي صورت فقط تڏهن ٿو وٺي جڏهن ان سان لاڳو معاملا ٻوليءَ جي وسيلي انسانن جي باهمي اظهار جي صورت اختيار ڪن ٿا اهو خالص انساني معاملو آهي ۽ ان جو وڏي ۾ وڏو سبب ٻولي آهي ڊاڪٽر صاحب لکي ٿو ته ٻوليءَ جي لاءِ گھٽ ۾ گھٽ نوَ سئو کان وٺي هڪ هزار دماغي طاقت جا يونٽ ( د ط ي ) گهرجن دنيا جي مڃيل عالمن ٻولين جي ڄاڻڻ جا رايا هن ريت ڏنا آهن
1: ايڊورڊ ساپر جو چوڻ آهي ته ٻوليءَ جي حيثيت ڪلچر جي سائنسي اڀياس جي رهبر جهڙي آهي هن خيال کي ٻوليءَ جي قيمت ۽ ضرورت روزبروز وڌندي ٿي وڃي هڪ خيال کان ڪلچر جو سڄو تاڃي پيٽو جيڪو ڪنهن به دور جي تهذيب ۾ موجود آهي سو سڄو ان ٻوليءَ ۾ سمايل آهي جيڪا ٻولي ان تهذيب کي کولي ۽ سمجھائي رهي آهي
2: هيئري هوجر جو چوڻ آهي ته ٻولي رڳو اظهار جي طريقي جو نالو نه آهي ٻولي ته هڪ اهڙي طاقت آهي جيڪا پنهنجي ڳالهائيندڙن جي خيال کي ضابطي هيٺ رکي ٿي ۽ انهن لاِ سڀاويڪ طريقا مهيا ڪري ٿي ته جيئن اهي پنهنجي خيالن کي سلسليوار ۽ ترتيب سان بيان ڪري سگھن
3: ميشرس بلاخ ۽ ٽرنگر جو چوڻ آهي ته زبان پاڻ مرادو قبول ڪيل آوازي علامتن جي هڪ تنظيم آهي جنهن جي ذريعي هڪ سماجي گروهه جا ماڻهو هڪ ٻئي سان تعاون ڪن ٿاڇوته هر هڪ ماڻهو ڪنهن نه ڪنهن سماج جو حصو آهي
انهن مفڪرن جي خيالن مان ظاهرآهي ته ٻولي، سماج ۽ ڪلچر جي وچ ۾ هڪ اهڙي پُل جيان آهي جنهن جي وسيلي سماج ڪلچر تي اثرانداز ٿو ٿئي ۽ ڪلچر وري سماج تي اثرانداز ٿئي ٿو انهيءَ ڪري ئي ٻولي سماج ۽ ڪلچر واري ٽڪنڊي ۾ تمام وڏي اهميت رکي ٿي ٻوليءَ جي مامري تي اسان تمام گھڻو دير سان سوچڻ شروع ڪيو آهي جنهن ڪري ڪيترائي مونجهارا سامهون اچي رهيا آهن هڪ پاسي اسان چئون ٿا ته اسان جي ٻولي موهن جي دڙي کان به قديم آهي موهن جي دڙي مان جيڪي لکت واريون شيون مليون آهن تن مان سنڌي تعليم يافته ۽ قديم هجڻ جون علامتون ظاهر ٿين ٿيون ته ٻئي پاسي اسان ان قديم ٻولي جي بقا لاءِ ڪي به جوڳا انتظام نه ڪري پاڻ کي غير زميوار قرار ڏيئي رهيا آهيون ڪو زمانو هو جو پهرئين ٻوليءَ جي سکيا سان گڏوگڏ ٻي ڪنهن ٻوليءَ جو اڀياس رڳو ان ڪري ڪيو ويندو هو ته جيئن دنيا جي ڪنهن ٻئي ادب جو اڀياس به ڪري سگهجي اهو مقصد پنهنجي جاءِ تي وڏو مقصد هو پر اڄڪلهه ڌاري ٻوليءَ جي سکيا جو مقصد ڪلچر آرٽ ۽ ٻوليءَ کي سمجھڻ آهي جنهنکي ٻوليائي ڪلچر به سڏيو وڃي ٿو هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته اهو ٻوليائي ڪلچر ڪٿي دنگ ٿو ڪري ڇوته هڪ پاسي اسان جي حڪومتن بنيادي (پرائمري) تعليم کي به ڌارين ٻولين ۾ شمار ڪري ڇڏيو آهي ۽ انهن ڌارين ٻولين کي هٿي وٺائڻ لاءِ خاص خانگي اسڪول کوليا آهن ته ٻئي پاسي اسيمبلين مان سنڌي ٻولي قومي ٻوليءَ جا بل منظور ڪرڻ جا ٺهراءَ منظور ڪيا پيا وڄن جيڪا نهايت ئي افسوس جي ڳالهه آهي مون کي 27 سيپٽمبر 2016ع تي سنڌ اسيمبليءَ مان پاس ڪرايل قومي ٻوليءَ جو بل جي ايجنڊا چڱي ريت ياد آهي ته جنهن ۾ فنڪشنل ليگ جي ميمبر نندڪمار سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي جو درجو ڏيڻ لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو جنهن جي ايم ڪيو ايم مخالفت ڪئي هئي ۽ اهو دليل ڏنو هو ته پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح چٽي ريت چيو هو ته اردو ئي قومي ٻولي رهندي جنهن تي سيد سردار شاهه سندس موقف کي رد ڪندر چيو ته انگريزن به سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻوليءَ طور رائج ڪيو هو تڏهن ته قائداعظم به مخالفت نه ڪئي هئي اسان کي اردو جي قومي ٻولي هجڻ تي اعتراض نه آهي ڏٺو وڃي ته سنڌي ٻولي سنڌ جي قديم قومي ٻولي آهي اڄ انهيءَ هزارين سالن جي تاريخ ۽ تهذيب رکندڙ سنڌي قوم جي پنهنجي مادري زبان سنڌي ٻوليءَ کي گھڻن طرفان سنگين خطرا وڪوڙي رهيا آهن سنڌي ٻولي جيڪا انگريز دور ۾ سرڪاري ٻولي جي حيثيت ۾ رائج هئي ۽ سمورو لک پڙهه جو ڪم ڪار سنڌي ٻوليءَ ۾ ئي اُڪلايو ويندو هو پر افسوس آهي جو اڄ سنڌي ٻولي پنهنجي ئي ڌرتيءَ تي اجنبي بڻيل آهي جنهن کي هن وقت تائين قومي ٻوليءَ جو درجو نه ملي سگھيو آهي ٻوليءَ جي واڌويجهه لاءِ حڪومت ۽ ان جي ادارن کي جيڪو ڪم سرانجام ڏيڻ گھرجي هان ان تي عملي طور ڪجهه به ناهي ٿي سگھيو عوام پاران رڳو ريلين ڪڍڻ ۽ ڪانفرنسون گھرائڻ سان سنڌي ٻولي کي نه قومي ٻوليءَ جو درجو ملي سگھي ٿو ۽ نه ئي ٻولي واڌ ويجهه ڪري سگھي ٿي سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ ۽ ترقي وٺرائڻ لاءِ عملي جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي ماضيءَ ۾ به قومي اسيمبليءَ اندر سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ جو بل پيش ڪيو ويو پر پنجاب لابي ان جي سخت مخالفت ڪندي اهو بل خارج ڪرائي ڇڏيو جيڪو افسوسناڪ عمل آهي ملڪي آئين ۾ قومن جي سمورن تاريزي تهذيبي ثقافتي ۽ ٻولين جا حق تسليم ٿيل آهن ته پوء آخر ڇو سنڌي سميت ٻين مادري ٻولين کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيارڻ واري راهه ۾ رڪاوٽون وڌيون پيون وڃن ڏٺو وڃي ته ڀارت ۾ به سنڌي ٻوليءَ کي ته قومي ٻوليءَ جي حيثيت حاصل آهي پر اسان وٽ پنهنجي سرزمين هوندي به سنڌي ٻولي انهيءَ حق کان محروم بڻيل آهي قومن جي جياپي لاءِ مادري ٻوليون انهن جي تاريخ تهذيب تمدن ۽ ثقافت لاءِ انتهائي ضروري آهن ٻولين جي بقا ۾ ئي قومن جي بقا هجي ٿي ٻي صورت ۾ ٻولين جي ختم ٿيڻ سان قومون به پنهنجو وجود وڃائي ويهن ٿيون هن وقت سنڌ ۾ ڪروڙين ماڻهن جي مادري ٻولي سنڌي آهي اسان سمجهون ٿا ته سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ وارو ڪيل وعدو وفا ڪري لک پڙهه سميت سمورو ڪاروهنوار سنڌي ٻوليءَ ۾ هلايو وڃي ته جيئن سنڌي ٻوليءَ کي ترقي وٺرائي سگھجي اهو تڏهن ممڪن ٿي سگھي ٿو جڏهن سنڌي اسيمبليءَ جي هڪ کان وڌيڪ ڀيرا منظور ڪيل ٺهرائن تي عمل ڪرايو ويندو اڄ پوري دنيا ۾ ٻولين جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي انڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن عالمي ڏينهن تي سنڌ سرڪار پنهنجو آئيني ۽ قانوني ڪردار ڪندي ٻوليءَ جي بقا لاءِ عملي جدوجهد جو آغاز ڪندي ان سان ئي اسان سڀني جو وجود سلامت رهندو.
****