سنڌي ثقافتي عيد، دنيا جي سنڌي وسندين ۾ جشن، ڪراچي اجرڪ ۽ ٽوپي جي سونهن سان نکري پئي، ٻيٽن سميت ٻين مسئلن تي هڪ هجڻ جو عزم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ايڪتا جِي عيد جي موقعي تي سنڌ سان سنڌ جو ميلاپ، ٽائيم نيوز ۽ پنهنجي اخبار جي سڏ تحت ايڪتا ڏهاڙي تي ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪينجهر کان ڪارونجهر تائين ثقافت جا انڊلٺي رنگ جرڪي پيا، سنڌ سوڌو دُنيا جي مختلف ملڪن ۾ رهندڙ سنڌي ايڪتا جي عيد قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائي رهيا آهن، ننڍن وڏن ۾ ريليز، تقريبن ۽ رقص ذريعي سنڌ امڙ کي ڀيٽا پيش، امن جا پکي ڪبوتر اُڏائي قومي عيد جي سِج جي آجيان ڪئي وئي، سنڌ ۾ امن ۽ خوشحالي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون.سنڌ ۾ ڪراچي سنڌ آهي جي سِري هيٺ قومي ڪاڄ جي موقعي تي ريليز دوران ثقافتي رنگ نِکري پيا،  ڪنڌڪوٽ ۾ قومي عيد جي موقعي تي نڪتل ريلي دوران ٻارن سوڌو وڏي انگ ۾ شهرين جون جهمريون، ايڪتا ريلي ۾  وڏي تعداد ۾ شريڪ ماڻهن طرفان مختلف رستن جو گشت، ثقافتي لباس پهريل ماڻهن طرفان گيتن ۽ رقص ذريعي سنڌ امڙ سان محبت جو اظهار، تنگواڻي ۾ به ايڪتا جي عيد قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي، ايڪتا جي ريلي دوران قومي گيتن تي جهمريون، گيتن ذريعي سنڌ ڌرتي کي ڀيٽا پيش ڪئي پئي وڃي.اڄ قومي ايڪتا عيد جي حوالي سان سنڌ واسين پاران اجرڪ ۽ ٽوپي پهريل تصويرون ۽ وڊيوز شيئر ڪرڻ جو سلسلو جاري، ايڪتا ڏهاڙي جي حوالي سان اوهان ڪهڙي تياري ڪئي آهي؟، ثقافتي ويس پهريل پنهنجون تصويرون ۽ وڊيوز سنڌ جي محبوب چئنل ٽائيم نيوز تي ڏسڻ چاهيو ٿا ته پوءِ دير نه ڪيو، پنهنجون وڊيوز ۽ تصوير اسڪرين تي نظر ايندڙ نمبر تي موڪليو.ٿر واسين طرفان به ايڪتا جو جشن قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي، نئون ڪوٽ ۾ ايڪتا جي ريلي دوران ثقافتي لباس پهريل ماڻهن جو جشن، سنڌ امڙ سان عشق جي انتها ۾ شهرين جون جهمريون، ڇاڇرو ۾ به ايڪتا جا رنگ نکري پيا، ريلي دوران ثقافتي لباس پهريل وڏي تعداد ۾ ماڻهن جي شرڪت، ريليز ۽  تقريبن دوران سنڌ سان محبت جو اظهار ڪيو پيو وڃي، شهرين جو چوڻ آهي ته سنڌ جي ورهاست جو سوچيندڙ هوش کان ڪم وٺن، سنڌ جو ورهاڱو ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ جند آهي.رتيديري ۾ جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ثقافت سنڌ جي هزارين سال پراڻي تهذيب ۽ ثقافت آھي سنڌ واسين کي ثقافت قومي عيد جون مبارڪون پيش ڪريان ٿو، سنڌين کي اپيل ٿو ڪريان ته جيئن سنڌي ٽوپي اجرڪ پائي ثقافتي ڏهاڙي تي گڏ ٿيون ٿا تيئن سنڌ جي مسئلن تي گڏ ٿيو ته سنڌ کي در پيش مسئلن کان ڪڍي سگهون، اسان ريلي ڪڍي شهيد بابا کي ڀيٽا پيش ڪئي آھي مزار ڀرسان سنڌ جي ثقافت ملاکڙو منعقد ڪرايو آھي جسقم طرفان پوري سنڌ ۾ ريليون ڪڍيون ويون آھن، ان موقعي تي مومن سمون، ساقي ابڙو، ملهار، الهورايو عمراڻي سنڌي ۽ عوامي تحريڪ جي اڳواڻ عنايت عارباڻي ۽ ٻين چيو ته اڄ اسان جي ثقافتي عيد آھي جيڪا هر سال وڏي جوش جذبي سان ملهائيندا آھيون، سنڌي عوام جي وسيلن شهرن ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ وارن سازشن کي مڪمل رد ڪريون ٿا،ڪراچي سنڌ آهي ۽ سنڌ جِند آهي،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *