سنڌو ڌرياءَ ۾ ننڍي ٻوڏ اچڻ سبب خيرپور ، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جي ڪچي وارن علائقن ۾  واقع ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا

August 12, 2017 at 8:13 am
Notice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13

خيرپور(رپورٽ : شاهد نواز سيال) سنڌو ڌرياءَ ۾ ننڍي ٻوڏ اچڻ سبب خيرپور ، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي جي ڪچي وارن علائقن ۾  واقع ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. ڪنگري ، گمبٽ ، سوڀوديرو ، خيرپور ، رتوديرو ، ۽ لاڙڪاڻو تعلقن سان لاڳاپيل ڪچي جا ڪيترن ئي ڳوٺن ۾ درياءَ جو پاڻي پهچي ويو آهي . جنهن ڪري ٻنڊي ڪلهوڙا ، ڪيٽي ڀٽا ، ڪيٽي کرل ، سميت ڪيترن ئي ڳوٺن ڏانهن اچ وڃ وارا رستا پاڻي هيٺ اچڻ جا اطلاع آهن . هوڏانهن صادق ڪلهوڙو مان مليل اطلاعن موجب سنڌو درياءَ ۾ چاڙهه اچڻ سبب درياءَ ڳوٺ صادق ڪلهوڙو وٽان پائيندڙ شروع ڪري ڇڏي آهي . جنهن ڪري صادق ڪلهوڙو ڳوٺ جا رهواسي متاثر ٿي رهيا آهن . ننڍي ٻوڏ جي ڪري ڪچي جي ماڻهن پنهنجا چوپايا ڍور پڪي تي ڪاهي اچي رهيا آهن . ايندڙ ٻن ڏينهن ۾ خيرپور ، شڪارپور ، ۽ لاڙڪاڻي ضلعي جي ڪچي ۾ واقع ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويندا . ٻئي طرف حڪومتي سطح تي ڪي به خاص اپاءَ نه ورتا ويا آهن .

اي پيپر