سنڌو درياهه ۾ ٻڏي فوت ٿيلن جو انگ 10 ٿي ويو،2 ڄڻن کي زنده بچائي ورتو،ڳولا جاري،4 ملاح گرفتار،وارث پريشان
February 12, 2017 at 11:24 pmNotice: Trying to access array offset on value of type bool in /home/nsindh/public_html/wp-content/themes/snmag/single.php on line 13
ڏوڪري(رپورٽر) سنڌو درياءَ ۾ ٻڏي ويل ٻيڙي واري مامري ۾ 10 مليل ڊيڊ باڊيون ۽ 2 زندهه ماڻهو هٿ آيا ٻين جي ڳولا جاري 4 ملاح گرفتار ، علائقي ۾ 3 ڏينهن به خوف حيراس ڇانيل ٻڏي ويل وارث پريشان حال درياءَ جي ڪپر تي ويٺل ،لاڙڪاڻو انتظاميا جي سربراهي ۾ امدادي ڪاروائيون جاري ، اسان امدادي ڪوششن ۾ رڌل آهيون ۽ ٻڏي ويلن جي ڳولا ري آهي، ڊي سي لاڙڪاڻو ڪاشف ٽيپو تفصيلي رپورٽ موجب 3 ڏينهن جاري ڏوڪري ڀرسان درگاه محبڻ جي سالياني عرس تي زائرين سان ڀريل ٻيڙي ٻڏڻ واري واقعي ۾ 50 کان وڌيڪ سوار ماڻهن جي ٻڏڻ کان پوء ڪاله لاڙڪاڻو انتظاميه طرفان نيوي ۽ ڳوٺ امام بخش ملاح جي ٽوٻن کي گهرائي ٻڏي فوت ٿي ويلن جا لاش ڪڍڻ وارو رسڪيو آپريشن صبح سوير ئي شروع ڪيو ويو هو۔ جنهن دوران مجهند تائين ڳوٺاڻن جي وارثن طرفان فتح پور ٿاڻي جي پوليس کي 15 ماڻهن جي هڪ فهرست ڏني وئي هئي ۽ هن وقت تائين 10 ڊيڊ باڊيون مليون آهن جنهن ۾ گوٺ گاجي جي رهواسين گلزار چنو،سڳين جو رهواسي حامد شاه سڳين جي ڀرسان سيالن جي ڳوٺ جي دائم سيال خانواهڻ جو سونو ورڙ سجاد ورڙ جيڪي ٻئي ڀائر آهن جڏهن ته اڄ آچر ڏينهن تي ريسڪيو ۽ ملاحن جي ٽوٻن جي مدد سان 4 وڌيڪ ڊيڊ باڊيون مليون آهن جنهن ۾ ڳوٺ سڳين جو عبدالمجيد هيسباڻي،ڳوٺ گاجي جو شاهنواز چنو، ارشاد کرل جيڪو پنجاپ جو رهواسي آهي، جڏهن ته ڪو جهو ماڙواڻي شامل آهن جيڪي ڊيڊ باڊيون هي خبر موڪلڻ تائين مليون آهن جڏهن ته 2 ڄڻا جنهن ۾ عبدالستار ۽ محمد صالح سولنگي زندح سلامت سعدي مو ساڻي جي پتڻ وٽان نڪتا آهن جڏهن ته اڃا 3 لاش گم آهن جن جي ڳولا ريسڪيو جي مدد سان جاري آهي،