اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ڪير آهي سنجراڻي، ڇهن ماڻهن جي گروپ کيس نامزد ڪيو ۽ هو ايندي ئي سينيٽ چيئرمين بڻجي ويو پر سندس پويان ڪير آهي سڀني کي خبر آهي. احتساب عدالت ٻاهران غير رسمي طور ميڊيا سان ڳالهائيندي نواز شريف چيو ته عدالتي سڌارا اسان جي ايندڙ اليڪشن منشور جو حصو هوندا، سڌرا قوم ۽ وقت جي ضرورت آهن، سڌارن جو در هر وقت کليل رکڻ گهرجي. هن چيو ته تحريڪ عدل لاءِ ڪنهن انٽرنيشنل فرم کان خدمتون حاصل نه ڪيون آهن، ان لاءِ اسان وٽ پنهنجو تمام گهڻو مواد آهي ۽ اسان وٽ ڪا نيب ته ناهي جيڪا عالمي فرم جون خدمتون حاصل ڪري. سندس چوڻ هو ته عام حالتن ۾ گهڻيون شيون سامهون نه اينديون آهن،امتحان جي دور ۾ گهڻيون شيون واضح ٿي وينديون آهن، مون کي مسلم ليگ جي صدارت تان هٽائڻ جو ڪهڙو مقصد ٿي سگهي ٿو؟ نواز شريف چيو ته پ پ ۽ تحريڪ انصاف جي سياست جو مقصد رڳو عوام کي دوکو ڏيڻ آهي، اهي هر وقت امپائر جي آڱر طرف ڏسندا آهن، اهي هميشه چور دروازي کان اچڻ جا خواهشمند آهن. هن چيو ته نوبت اها اچي وئي آهي جو سئو ٻه سئو ماڻهن جا جلسا ڪري رهيا آهن، اڃا ڪيو اتحاد ۽ بڻايو سنجراڻي کي سينيٽ چيئرمين، ڪير آهي اهو سنجراڻي، ڇهن ماڻهن جي گروپ کيس نامزد ڪيو ۽ اچڻ سان ئي سينيٽ چيئرمين بڻجي ويو، سندس پويان جيڪو آهي سڀني کي خبر آهي. سندس چوڻ هو ته اها ڪهڙي جمهوريت آهي جو هڪ چونڊيل صوبائي حڪومت کي هٽايو ويو، شفاف چونڊ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪنداسين.