لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ چيو آهي ته سموگ جي حوالي سان ڪو به خاطر خواهه قدم نه کنيو ويو آهي. ٻن مهينن تائين تعميراتي ڪم نه ٿيندو، ان تي عمل ڇو نه پيو ٿئي؟ اسڪول بند آهن، اڏاوت ڇو نه ٿي روڪي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ سموگ جي خاتمي بابت داخل درخواستن تي ٻڌڻي ٿي. پنجاب حڪومت قدمن بابت رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي. وڪيل پنجاب حڪومت جو چوڻ هو ته انتظاميا لاري اڏن، ٽرڪ اسٽينڊن جو پاڻمرادو جائزو وٺندي، بند روڊ تي ٽن وڏن ٽرمينلن تي ڪريڪ ڊائون ڪيو ويو. 400 گاڏيون چيڪ ڪيون ويون. جسٽس شاهد ڪريم پڇاڻو ڪيو ته 400 گاڏين جي چڪاس دوران ڪيتريون گاڏيون ٺيڪ حالت ۾ نه هيون؟ ايڊووڪيٽ پنجاب حڪومت چيو ته 42 گاڏيون انسپيڪشن ۾ ناڪام ٿيون، پنجاب جي سمورن ڊپٽي ڪمشنرن کي انسپيڪشن بابت آگاهه ڪيو ويو آهي، ڪالهه آچر هجڻ سبب سيڪريٽري ٽرانسپورٽ هدايتون جاري نه ڪري سگهيو. جسٽس شاهد ڪريم هدايت ڪئي ته حڪومت پنجاب ۾ ڊي سيز ۽ اي سيز جون ڊيوٽي لڳائي. ڪالهه مان پاڻ ئي ٻاهر نڪري ويس پر ڪو ٽريفڪ آفيسر نظر نه آيوجيڪو چيڪنگ ڪير رهيو هجي
-
پنجاب ۾ سموگ، ملتان گدلو ترين شهر، رحيم يار خان ۾ هڪ فوت
لاهور(م ڊ) پنجاب حڪومت لاهور، گوجرانوالا، فيصل آباد ۽ ملتان ڊويزنن ۾ مارڪيٽون رات 8 وڳي بند ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، پر رات دير تائين لاهور ۾ بندشن تي عمل نه ٿيو. نوٽيفڪيشن موجب ٻاهران سرگرمين تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي. هر قسم جي راندين، نمائش ۽ تقريب تي پابندي هوندي، جڏهن ته ريسٽورنٽ ۾ کائڻ پيئڻ تي به پابندي هوندي، مذهبي جلسا آجو هوندو. پيٽرول پمپ، آئل ڊپو، اوون، بيڪري، گراسري/گراسري اسٽور، کير جا دڪان بند نه هوندا، ان سان گڏ کير جا دڪان، مٺي جا دڪان، سبزي/ ميوي جا دڪان، ڪڪڙ/ گوشت جا دڪان به پابندي کان آجا هوندا. سڀ کان وڌيڪ گدلاڻ وارن شهرن ۾ ملتان پهرين نمبر تي آهي. هوا جي معيار جو انڊيڪس 748 تائين پهچي ويو. منگلا 6 سئو 88 انڊيڪس سان ٻئي نمبر تي، لاهور آلودگي جي لحاظ کان ستين نمبر تي آهي. پشاور جو انڊيڪس 204 ٿي ويو. ذريعن موجب سموگ سبب لاهور ايئرپورٽ جي رن وي تي حد 350 ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي آهي. 14 ملڪي ۽ غير ملڪي اڏامون دير جو شڪار ٿيون، جن مان هڪ اڏام ملتوي ڪئي وئي. لاهور کان جده، لاهور کان ڪولمبو جي اڏام ۾ دير ٿي. لاهور کان جده جي اڏام 3 ڪلاڪ جڏهن ته جده کان لاهور ويندڙ اڏام 3 ڪلاڪ 45 منٽ دير سان رواني ٿي. رحيم يار خان ۾ سموگ سبب مختلف هنڌن تي ٽريفڪ حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ريسڪيو ذريعن موجب سموگ سبب شهباز پور روڊ تي ڪار ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر ٿي پيو، حادثي جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.