سموريون طاقتون پابندي مڙهيل تنظيمن بجاءِ متاثرين کي قومي ڌارا ۾ آڻين: بلاول ڀٽو زرداري

ڪوئيٽه: (م ڊ)  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ جي سمورين طاقتن کي پيغام آهي ته قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻو آهي ته دهشتگردن جي متاثرين کي آڻيو، پابندي مڙهيل تنظيمن کي نه. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڪوئٽا پهچي دهشتگردي سبب متاثر ٿيل هزاره برادريءَ سان همدرديءَ جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته  افسوس آهي ته ايترو رت وهڻ باوجود رياست فيصلو نه ڪري سگهي آهي ته اها دهشتگردن سان گڏ آهي يا وري شهيدن سان، حڪومت کي فيصلو ڪرڻو پوندو ڪيستائين ٻٽي پاليسي جاري رهندي.هن چيو ته ڪوبه انتها پسنديءَ خلاف اڪيلو نه ٿو وڙهي سگهي پر اسان کي پنهنجي مستقبل بابت فيصلو ڪرڻو پوندو،  اسان کي انتها پسند ذهنيت خلاف وڙهڻو آهي، اسان جڏهن انصاف گهرون ٿا ته ملڪ دشمن قرار ڏنو ويندو آهي،  پابندي مڙهيل تنظيمن خلاف ڳالهايان ٿو ته ملڪ دشمن چيو ويندو آهي، اسان ملڪ دشمن آهيون يا وري پابندي مڙهيل تنظيمون جيڪي اسان جي ٻارن کي قتل ڪري رهيون آهن؟ چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو چيو ته مان به شهيد جو پٽ آهيان، ملڪ کي انتها پسندي کان پاڪ ڪرڻ تائين سک سان نه ويهندس، سموري سياسي زندگي ان ڪم لاءِ هوندي ته پنهنجي ملڪ کي انتها پسندن کان پاڪ ڪيان ته جيئن امن سان ملڪ ۾ زندگي گذاري سگهون. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي گڏجي دهشتگردن جو مقابلو ڪرڻو پوندو ۽ مظلوم ماڻهن کي تحفظ فراهم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ظالم دهشتگرد ۽ انتها پسندن  سان ٽڪرائڻو پيو ته سڀني کان اڳتي پاڪستان پيپلز پارٽي هوندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *