لاهور ( م، ڊ ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته قانون جي ابتڙ ٺهيل خانگي اسپتالن کي ڪيرايو وڃي ۽ سمورن چورن کي پڪڙڻ جو وقت اچي ويو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ 2 رڪني بئنچ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ خانگي اسپتالن ۾ مهانگي علاج خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. چيف جسٽس ڊاڪٽرز اسپتال جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر غضنفر علي شاهه کي چيو ته توهان ماڻهن جي خدمت نه ٿا ڪري سگهو ته اسپتال بند ڪري ڇڏيو، هڪ مريض جي 30 ڏينهن جو بل توهان 40 لک رپيه ٺاهيو آهي، عدالتي حڪم باوجود اضافي پئسا ڪيئن اوڳاڙي سگهو ٿا، پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل علاج جا جيڪا اگهه طئي ڪيا آهن ان کان وڌيڪ ڪو به اوڳاڙي نه ٿو ڪري سگهي. ڊي جي ايل ڊي اي ٻڌايو ته ڊاڪٽرز اسپتال حددخليون قائم ڪيون آهن، هڪ ڪنال جي رهائشي پلاٽ تي واپاري سرگرمي ٿي رهي آهي، عدالت ڊاڪٽرز اسپتال انتظاميه کي پنهنجي اگهن تي نظرثاني ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. چيف جسٽس سرجيميڊ اسپتال جي سي اي او کي چيو ته توهان کي هتان اسپتال ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل ڪرڻي پوندي. عدالت ماحوليات جي سيڪريٽڙي کي سرجيميڊاسپتال جو جائزو وٺڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اسپتال ماحولياتي قانون جي معيار تي پورو نه ٿي لهي ته ڪيرائي وڃي. چيف جسٽس خانگي اسپتالن ۾ مهانگي علاج، پارڪنگ جي عدم دستيابي ۽ قانون جي ڀڃڪڙي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته سمورن چورن کي پڪڙڻ جو وقت اچي ويو آهي، سڀني کي پڪڙينداسين، ڪنهن کي مادر پدر آزادي نه ٿي ڏئي سگهجي.