ڪراچي(پ ر) سنڌ نيشنل پارٽي جي چيئرمين ۽ آدم شماري مانيٽرنگ ڪميٽي جي ميمبر شاد کوسو. مرڪزي اڳواڻن پروفيسر سچل ڪلوڙ. ڊاڪٽر مجاهد اعواڻ. الطاف مهر. غلام رسول مارفاڻي . احمد سومرو ۽ ٻين 15 مارچ کان ٿيندڙ آدم شماري ۾ وفاق پاران جاري ڪيل نقشي ۾ ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪري ڏيکارڻ ۽ تعصب پرستي تي مبني نشقو جاري ڪرڻ واري عمل کي سنڌ جي وحدت خلاف شازش قرار ڏيندي وفاق جي تعصب پرست رويئي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت جي ان عمل مان ظاھر ٿي رهيوآھي ته وفاقي سرڪار به سنڌ جي ويري قوتن سان مليل آھي. هنن وڌيڪ چيو ته وفاقي سرڪار پنجاب جي مفادن خاطر آدم شماري ڪرائڻ کان لنوائي آدم شماري کي تڪراري بنائي آدم شماري ملتوي ڪرڻ جا بهانه تلاش ڪري رهي آھي. هنن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ترقي خوشحالي ۽ سنڌ تي سنڌين جي حق حاڪميتن جو دارومدار ٿيندڙ آدم شماري آھي. تنهن ڪري سمورن محب وطن سنڌين کي 15 مارچ کان ٿيندڙ آدم شماري ۾ ڀرپور نموني حصو وٺڻ گهرجي.هنن سنڌ ۾ رهندڙ سموريون ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻھن کي اپيل ڪئي ته اهي گهر۾ ڪهڙي به ٻولي ڳالهائين پر آدم شماري ۾ ٻولي واري خابي ۾ سنڌي لکرائين. پارٽي جي ميڊيا سيل تان جاري ڪيل بيان ۾ ھنن پ پ پ ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ نجمي عالم پاران سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي قومپرستن خلاف نازيب لفظ استعمال ڪرڻ واري عمل جي مزمت ڪندي چيو ته نجمي عالم سنڌ ي ٻولي سنڌ جي قومپرستن خلاف زهر اوڳاڇي پنهنجي آقائن کي خوش ڪيوآھي. هنن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت سنڌي ٻولي ۽ سنڌ جي قومي قيادت خلاف نازيب لفظ استعمال ڪندڙ نجمي عالم خلاف ڪاروائي ڪري.