ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) عربي سمنڊ ۾ طوفان ڪيار جا اثر سنڌ جي ساحلي پٽي تي به پيا آهن ۽ سمنڊ ۾ چاڙهه سبب گادي واري شهر ڪراچي، ٺٽو، جاتي، ساڪرو، سجاول ۽ ٻين ساحلي علائقن ۾ سوين ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا. عربي سمنڊ ۾ پيدا ٿيل سامونڊي طوفان “ڪيار” سبب سنڌ جي حدن اندر سامونڊي پاڻيءَ ۾ چاڙهه ٿي وئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي جي ابراهيم حيدري، ريڙهي ڳوٺ، لٺ بستي، چشما ڳوٺ ۽ ٻين علائقن ۾ سامونڊي پاڻي داخل ٿي ويو. علائقي واسين جو چوڻ آهي ته رات دير سان سمنڊ ۾ چاڙهه کانپوءِ پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو آهي، جنهن جي ڪري وڏي انگ ۾ خاندان پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن. سامونڊي چاڙهه جي متاثر علائقن جي رهواسين جو چوڻ آهي ته ڏيڍ سئو کان وڌيڪ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا ۽ سوين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، پر انتظاميا طرفان مقامي ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ڪي به اپاءَ نه ورتا ويا آهن. سمند ۾ چاڙهه کانپوءِ سجاول ۽ جاتي جا به ساحلي علائقي پاڻي هيٺ اچي ويا، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي آبادي کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي. ڳٺ حاجي محمد جت، حاجي عالم جت، احمد خان جت، صديق رانجهاڻي، خليفو علي محمد، آٿرڪي، ابو جت، مصري مصوراڻي، ڪرمي جت ۽ ڳوٺ محمد حسين چانڊيو سوڌو آسپاس جي ڳوٺڻ ۾ ڪيترائي گهر سامونڊي ويرن جي ور چڙهي ويا. ساحلي علائقي گهوڙا ٻاري جي يو سي مول جي ديھن مول، جراڙ ڪيٽ، اڇ ۽ ٽائون ڪاميٽي ڳاڙھو جي 3 وارڊ شامل ڳوٺ، محمد علي شولاڻي، سيلمان شولاڻي، سومار شولاڻي، حاجي شولاڻي، محمد حسن ماڇي، احمد خان رجھيرو ۽ عيسيٰ رجھيرو ۾ سمنڊ جو پاڻي داخل ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ 300 کان وڌيڪ گهر پاڻي هيٺ اچي ويا آهن. سامونڊي پاڻيءَ ۾ چاڙهه جي متاثر علائقن مان سوين ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي ويا آهن. متاثرن جو چوڻ آهي ته انتظاميا سنگين لاپرواهيءَ جو مظاهرو ڪندي کين بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو آهي، سمنڊ ۾ چاڙهه کانپوءِ سندن گهر ٻڏي ويا، پر ڪنهن به سار نه لڌي آهي.