اسلام آباد (بيورو) منصوبابندي ۽ ترقي بابت وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته اڃا اهو چوڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون ته ڪورونا ختم ٿي ويو ۽ هاڻ اسان سمارٽ لاڪ ڊائون کانپوءِ مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون ڏانهن وڃي رهيا آهيون.اسلام آباد ۾ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي اسد عمر چيو ته اسان ڪورونا متاثر ماڻهن وٽ تڪڙي پهتاسين، هڪ بيمار ماڻهو مان اسان 10.8 ڪنٽيڪٽ پرسن تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿياسين، تنهن ڪري وبا وڌيڪ نه پکڙي پر هن وقت اهو چوڻ جي پوزيشن ۾ ناهيون ته ڪورونا وبا ختم ٿي وئي.هن چيو ته اسان سڄو ملڪ بند ڪرڻ بدران سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي اختيار ڪئي، 2350 کان وڌيڪ هنڌن تي سمارٽ لاڪ ڊائون ڪيو ويو ۽ هن وقت 20 ضلعن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جاري آهي.سندس چوڻ هو ته ڪورونا جو معاملو رڳو صحت جو مسئلو ناهي، ملڪ جي وڏي حصي کي بند ڪرڻ سان ايڪسپورٽ ۾ 40 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، روينيو وصولين ۾ به 40 سيڪڙو گهٽتائي نظر آئي، جنهن جو مطلب 40 سيڪڙو روزگار گهٽ ٿيڻ آهي.اسد عمر اڳتي لاءِ حڪمت عملي ٻڌائيندي چيو ته سمارٽ لاڪ ڊائون کانپوءِ هاڻ اسان مائڪرو سمارٽ لاڪ ڊائون ڏانهن وڃي رهيا آهيون، ڪوشش آهي ته متاثر ماڻهن کي عمارت ۽ گهرن ۾ آئسوليٽ ڪيو وڃي.وفاقي وزير موجب اسان جي اوڀر ۽ اولهه ۾ ڪورونا جي صورتحال خراب آهي، ڀارت ۾ پاڪستان جي ڀيٽ ۾ ڏهوڻ تي فوتگيون ٿيون، بنگلاديش ۾ ٽيڻ تي فوتگيون ٿيون، تنهن ڪري اسان کي به احتياط جي ضرورت آهي.هن چيو ته يو اين جنرل اسيمبلي جو صدر به چئي رهيو آهي ته دنيا کي پاڪستان مان سکڻ گهرجي ۽ بل گيٽس به چئي رهيو آهي ته ڪورونا ۾ پاڪستان بهتر ڪم ڪيو، ڪورونا خلاف سڀ کان طاقتور شئي عوام جو رويو آهي، عوام جي وڏي انگ ڪورونا تي ضابطي ۾ حڪومت جي مدد ڪئي.