اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان ملڪ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون لاڳو ڪرڻ جي پنهنجي فيصلي کي فخر جوڳو قرار ڏئي ڇڏيو.وزيراعظم عمران خان ٽوئيٽر تي بلوم برگ جو هڪ مضمون جاري ڪيو، جنهن موجب يورپي ملڪن جرمني، اٽلي، فرانس، پرتگال وغيرا ۾ مستقبل ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون تي غور ڪيو پيو وڃي.مضمون شيئر ڪندي عمران خان لکيو ته سمارٽ لاڪ ڊائون اختيار ڪندڙن ۾ منهنجي ٽيم سڀني کان اڳتي آهي، مون کي فخر آهي ته ڪورونا سان پيدا ٿيندڙ بحراني ڪيفيت ۾ پنهنجي ملڪ کي سڌي رُخ ۾ رکڻ لاءِ اها تدبير منهنجي ڪم آئي.سندس چوڻ هو ته اڄ کان جيڪڏهن اسان ايس او پيز جو خيال رکون ته بحران جي سنگيني مان انشاءَالله ڇوٽڪارو حاصل ڪري وٺنداسين.