سليڪٽڊ ناهيان جو پنهنجي واعدن تان يوٽرن وٺان: بلاول ڀٽو زرداري

اسڪردو (م ڊ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام جو مطالبو آهي وفاق ۾ نمائندگي، قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ رڪنيت ڏني وڃي ۽ اهي ئي مطالبا اسان جي منشور ۾ شامل آهن.اسڪردو ۾ پ پ جي چونڊ مهم سلسلي ۾ ڪارڪنن کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته گلگت بلتستان جي عوام کي الڳ صوبو ڏيڻو پوندو، قانون سازي ڪنداسين، غريب عوام کي هتان جي زمين جو مالڪ بڻائي رهنداسين، پ پ ئي ملڪ جي معيشت سنڀاليندي.هن چيو ته مان ڪو کيڏاري ناهيان، سليڪٽڊ ناهيان جو پنهنجي واعدن تان يوٽرن وٺان، جيڪڏهن ملڪ جو وزيراعظم بڻجڻو آهي ته گلگت بلتستان جي ووٽ سان بڻجڻو آهي، پ پ جي منشور ۾ سمورا مطالبا عوام لاءِ آهن.سندس چوڻ هو ته جن عوام کان پ پ جي قيادت کسڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن قوتن کي اهو پيغام آهي ته گلگت بلتستان ۾ اڄ هنڌ هنڌ هڪ ئي نظريو زندهه آهي ته ”ڪالهه به ڀٽو زندهه هو، اڄ به ڀٽو زندهه آهي“.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *