سليڪٽڊ راڄ جو خاتمو ۽ جمهوريت کي بحال ڪنداسين: بلاول

مالاڪنڊ(م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته مالاڪنڊ جي هر شهري جو هڪ ئي مطالبو آهي ته سليڪٽڊ هليو وڃي جيڪو ملڪ کي معاشي بحران ڏانهن ڌِڪي رهيو آهي جڏهن ته هٿ ٺوڪئي ۽ سليڪٽڊ راڄ جو خاتمو ۽ جمهوريت کي بحال ڪنداسين.مالاڪنڊ جي بٽ خليه ۾ حڪومت مخالف سياسي پارٽين جي اتحاد پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومنٽ (پي ڊي ايم) جي جلسي کي خطاب دوران هن چيو ته مالاڪنڊ جي عوام اڄ پاڪستان کي پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.بلاول ڀٽو زرداري حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو ته تبديلي جو نعرو هڻندڙ سڀ ڌوکي باز آهن جن کي حڪومت هلائڻ ئي نٿي اچي پر تبديلي جو نعرو هڻي عوام کي ڌوکو ڏنو.هن مالاڪنڊ جي عوام کي شاهد بڻائي چيو ته هٿ ٺوڪئي ۽ سليڪٽڊ راڄ کي ختم ڪنداسين ۽ حقيقي جمهوريت بحال ڪنداسين.بلاول ڀٽو چيو ته اسان کي ياد آهي جڏهن مالاڪنڊ جا نوجوان دهشتگردن جو مقابلو ڪري رهيا هئا تڏهن ڪير ڪير توهان جي حمايت ۽ مخالفت ۾ بيٺا هئا.هن چيو ته اُن وقت هڪ عمران خان تڏهن به هو جيڪو دهشتگردن جو نالو کڻڻ کان ڊڄندو هو ۽ هو دهشتگردن جو وڪيل بڻيل هو.پ پ چيئرمين چيو ته مالاڪنڊ جي نوجوانن پاڪستاني فوج سان گڏجي دهشتگردن جو مقابلو ڪيو.هن چيو ته اي پي ايس سانحي وقت وزير اعظم عمران خان اسلام آباد ۾ نچي رهيو هو جڏهن اسان جا ٻار دهشتگردن جي هٿان شهيد ٿي رهيا هئا.بلاول ڀٽو چيو ته هن حڪومت ۾ دهشتگردن کي آزادي ملي، افسوس آهي اسان شهيد ٿيندڙ اي پي ايس جي ٻارن کي انصاف ناهن ڏئي سگهيا.هن سوال کنيو ته وزير اعظم عمران خان مچ سانحي جي وارثن کي بليڪ ميلر قرار ڏئي ڇڏيو، اِهو ڪهڙي قسم جو انصاف آهي.سندس چوڻ هو ته اڄ تائين ڪنهن شهيد کي انصاف ناهيو ڏياري سگهيا، دهشتگردن کي قانون جي دائري ۾ نه آڻي سگهيا، اسان پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي وارثن جي آڏو شرمندا آهيون هي ڪهڙي قسم جو انصاف آهي جنهن جو تڪرار وزير اعظم ڪندو رهندو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *