سليڪٽيڊ حڪومت شهيد بينظير جي نالي کان ڊنل آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (اسٽآف رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب وفاقي حڪومت طرفان بينظير انڪم سپورٽ پروگرام مان 8 لک کان وڌيڪ عورتن کي ڪڍڻ واري فيصلي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سليڪٽيڊ حڪمت جو فيصلو ناانصافي تي ٻڌل آهي.ثانيا نشتر جي پريس ڪانفرس تي ردعمل ڏيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت روزگار جي لالچ ڏئي غريبن کي بيروزگار ڪيو، بيروزگاري جي مشن تي هلندڙ حڪومت جلد انجام تي پهچندي، سليڪٽيڊ حڪومت شهيد بينظير جي نالي کان ڊنل آهي.هن چيو ته حڪومت روزگار نٿي ڏئي سگهي ته گهٽ ۾ گهٽ ماڻهن کان سندن حق ته نه کسي، پي ٽي آءِ حڪومت جي ڪنهن به ڳالهه تي اعتبار نٿو ڪري سگهجي.سندس چوڻ هو ته سليڪٽيڊ رڳو الزام مڙهڻ ڄاڻڻ ٿا، حقدار عورتن جي گهرن جا چُلها بند ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *