سليڪٽيڊ جا آواز جلسن کي روڪڻ سان بند نه ٿيندا: مريم اورنگزيب

لاهور: (م ڊ)  مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي عمران صاحب جلسي جي اجازت ان لاءِ نه ٿو ڏئي ڇو ته کيس نواز شريف جي نعرن جي گونج کان ڊپ لڳي ٿو.مسلم ليگ ن جي  ترجمان مريم اورنگزيب جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ ۽ پي ٽي وي تي حملو ڪندڙ هڪ جلسي جي اجازت نه پيا ڏين، عمران اخن ملڪ کي 120 ڏينهن بند ڪرڻ وارا مريم نواز جي هڪ جلسي کان ايترو ڊپ ڇو آهي، عمران صاحب مريم نواز جو ايترو ڊپ جو جلسي گاهه ۾ پاڻي ڇڏي ڏنو، عمران صاحب اوهان ته چيو هو ته موت به برداشت ڪري سگهون ٿا.مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان صاحب جلسي جي اجازت ان لاءِ نه ٿا ڏيون ڇو ته کين نواز شريف جي نعرن جي گونج کان ڊپ ٿو لڳي پر سليڪٽيڊ ۽ عليما باجي چور آهي جا آواز جلسن کي روڪڻ کاب بند ناهن ٿيندا، عمران خان صاحب جلسو ته ٿيندو انشاءَالله، هي نواز شريف جا شينهن آهن، عمران صاحب ٽي وي هلائي رکجان ۽ شينهن جو سمنڊ ڏسجان، مريم نواز منجهند 3 وڳي رائيونڊ کان منڊي بهاءُالدين جلسي لاءِ نڪرندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *