سليڪٽر عمران خان جي ٻاهرين ملڪن جي دورن تي پابندي لڳائين: سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر

لاهور (م ڊ) پ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي ترجمان سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته سليڪٽر عمران خان جي ٻاهرين ملڪن جي دورن تي پابندي هڻن ڪجهه دورن مان ثابت ٿي ويو آهي ته عمران خان جا دورا ان جي ۽ ملڪ جي صحت لاءِ نقصان ڏيندڙ آهن هڪ بيان ۾ هن چيو ته عمران خان ڪيس وڙهڻ بدران پاڪستان کي ڪٽهڙي ۾ آڻي بيهاري ڇڏي ٿو ايران ويو ته اتي پنهنجي ملڪ تي دهشڀتگردي جا الزام مڙهيا ۽ آمريڪا وڃي القاعده کي پاڪ فوج جي کاتي ۾ وجهي ڇڏيو عمران خان جي غير ذميوارڻ بيان جي ڪري ڀارتي ميڊيا ۾ پاڪستان تي تنقيد ٿي رهي آهي خانصاحب ڪشمير جو ڪيس وڙهڻ ويو آهي ته پاڪستان کي دهشتگرد ملڪ ثابت ڪرڻ لاءِ بلاول ڀٽو زرداري جي ترجمان چيو ته خانصاحب جو عالمي دورن تي وڃڻ ضروري هجي ته مهرباني ڪري ڪوئي وڏو ان سان گڏ موڪليو وڃي سليڪٽر کان مطالبو آهي ته گهٽ ۾ گهٽ خاصاحب جي باهرين ملڪ خطابن ۽ پريس ڪانفرنسن تي پابندي لڳايو پرڏيهي وزير پاڻ وزارت عظميٰ جو خواهشمند آهي ان تي ڀروسو نه ڪرڻ گهرجي ٿي سگهي ٿو ته پرڏيهي وزير پاڻ خانصاحب کان اهڙي قسم جون غلطيون ڪرائيندو هجي هن چيو ته عمران خان کي اهو به سمجهايو وڇي ته عالمي فورم ۽ ڪنٽينر ۾ زمين آسمان جو فرق هوندو اهي خانصاحب عالمي فورمز تي به ڪن ۾ ڪيل ڳالهه ٻڌائي ڇڏيندو آهي سليڪٽر ملڪي سلامتي لاءِ عمران خان کي ٻاهر وڃڻ نه ڏين.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *