سلمان ڀٽ ۽ محمد آصف به پي ايس ايل ڊرافٽ ۾ شامل

لاهور(اسپورٽس نيوز) اسپاٽ فڪسنگ ڪيس ۾ سزا يافتا ڪرڪيٽرن سلمان بٽ ۽ محمد آصف کي به پي ايس ايل ڊرافٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي. پاڪستان سپر ليگ جي سيزن3 جي ڊرافٽ لاءِ رانديگرن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي. فهرست ۾ دنيا جا ناليواري ڪرڪيٽر شامل آهن. جڏهن ته ڊرافٽ لاءِ فهرست ۾ اسپاٽ فڪسنگڪ يس ۾ سزا يافتا سلمان بٽ ۽ محمد آصف کي به شامل ڪيو ويو آهي. پي ايس ايل 3 لاءِ رانديگرن جو ڊرافٽ 12 نومبر تي لاهور ۾ ٿيندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *