شڪارپور/سلطان ڪوٽ (رپورٽ: ذوالفقار مگسي + طارق علي سڌايو)سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد شڪارپور – جيڪب آباد قومي شاهراهه روڊ تان ڪار سوار خيرپور واسي 2 نوجوان ذيشان چنو ۽ عبدالرحمان اغوا ٿي ويا،ڌاڙيلن پاران مغوين جي وارثن سان ڀنگ لاءِ مغوين جي ئي موبائل نمبر تان رابطو ڪري وارثن کان 80 لک رپيا ڀنگ طلب ڪري ورتو. ايس ايڇ او سلطان ڪوٽ نبي بخش ڏاهاڻي پاران لاوارث حالت ۾ ڪار ملڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي، ياد رهي ته مغوي ذيشان پٽ محڪم الدين چنو ۽ عبدالرحمان پٽ رمضان ڀاڳت ڪوئيٽا گهمڻ لاءِ ويل هئا، واپسي وقت سلطان ڪوٽ ٿاڻي جي حد مان اغوا ٿي ويا.
جي يو آءِ اڳواڻ پٽ سميت اغوا، ڪجهه دير بعد بازياب
جيڪب آباد/ڳڙهي ياسين (رپورٽ: سڪندر علي سرڪي + حبيب الله ڪمبوھه) جي يو آءِ سنڌ جي نائب امير مولانا سيد سراج احمد شاهه امروٽي پنهنجي پٽ سيد احسن شاهه سان گڏ ضلعي قمبر شهداد ڪوٽ جي تنظيمي دوري تان واپسي تي نئين ديري ڀرسان پنجو ديرو ڳوٺ وٽان اغوا ٿي ويو، جڏهن ته ڌاڙيلن کي خبر پئي ته هي درگاهه امروٽ شريف جا سجاده نشين آهن ته پشيماني ٿي ڌاڙيلن ڇڏي ڏنو. ٻئي طرف جي يو آءِ سنڌ جي انفارميشن سيڪريٽري ڊاڪٽر اي جي انصاري ۽ ضلعي شڪارپور جي پريس ترجمان مولوي رفيق احمد شر ۽ محمد ابراهيم ٻرڙي واقعي جي سخت مذمت ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن راڄ عوام لاءِ زندگي اجيرن ڪري ڇڏي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري قانون جي حوالي ڪيو وڃي ۽ عوام کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.