سعيد غني جي صدارت هيٺ تعليمي ادارا کولڻ بابت اجلاس، اهم فيصلا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم واري وزير سيد غني لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته سيپٽمبر کان اڳ سمورن تعليمي ادارن ۾ اسپري سميت سمورا بندوبست مڪمل ڪيا وڃن.سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني جي صدارت هيٺ تعليم کاتي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ تعليم وارو سيڪريٽري احمد بخش ڌاريجو، سيڪريٽري ڪاليجز باقر نقوي، ايڊيشنل سيڪريٽري تعليم ڊاڪٽر فوزيا، آصف ميمڻ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سڄي صوبي ۾ تعليمي نصاب، ڪورونا وائرس کان پوءِ جي صورتحال ۽ نئين تعليمي سال سميت ٻين معاملن جو جائزو ورتو ويو.اجلاس دوران سعيد غني چيو ته تعليمي ادارن کي 15 سيپٽمبر تي کولڻ جو حتمي فيصلو ايس سي او سي جي اجلاس ۾ ٿيندو، اسان کي پنهنجي مڪمل تياري 15 سيپٽمبر تي تعليمي ادارا کولڻ تائين ڪرڻ گهرجي. اسان چاهيون ٿا ته 7 سيپٽمبر تي تعليم واري وزير ۽ سمورن تعليم وارن صوبائي وزيرن جو اجلاس ٿئي ته اسان وٽ سمورن حوالن سان تياريون مڪمل هجن، اسان جي پوري ڪوشش آهي ته شاگردن ۽ شاگردياڻين جو ڪورونا وائرس جي ڪري جيڪو تعليمي عمل متاثر ٿيو ان جي ڪري جيڪو خال هنن جي تعليم ۾ آيو آهي ان کي پورو ڪيو وڃي. 15 سيپٽمبر کان اڳ سمورن تعليمي ادارن ۾ اسپري سميت سمورا بندوبست مڪمل ڪيا وڃن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *