سعودي ولي عهد سڀاڻي پهچندو،اسلام آباد ۾ حفاظتي انتطام سخت

اسلام آباد ( بيورو ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سڀاڻي پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي. سندس آجيان جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، کيس پاڪستان جو اعليٰ سول ايوارڊ نشان پاڪستان ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. سعودي ولي عهد جي آمد تي کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو جنهن بعد کيس وزيراعظم هائوس آندو ويندو جتي وزيراعظم سان سندس ون ٽو ون ملاقات ٿيندي.  ملاقات کانپوءِ پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ وفد جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون ۽ وزيراعظم هائوس ۾ مفاهمت جي يادداشت نامن تي صحيحون ڪيون وينديون ۽ وزيراعظم  سعودي ولي عهد جي مان ۾ آجياڻيون ڏنيون وينديون. محمد بن سلمان کي صدر عارف علوي پاڪستان جو اعليٰ ترين سول ايوارڊ نشان پاڪستان ڏنو ويندو جڏهن ته ولي عهد جي سينيٽ چيئرمين ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه سان ملاقات به ٿيندي.  محمد بن سلمان جي دوري جي موقعي تي واڪنگ ٽريلز بند ڪرڻ، ميٽرو بس سروس جو روٽ محدود ڪرڻ ۽ موٽرسائيڪل جي ٻيلهه تي پابندي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  اسلام آباد انتظاميه عارضي طور تي ٽريل ٽو، ٿري، فائيو ۽ سيدپور وليج بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. انتظاميه موجب سمورا واڪنگ ٽريلز  15 ۽ 17 فيبروري عوام لاءِ بند ٿيندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *