سعودي ولي عهد جي آمد : 300 گاڏيون مقرر، وزيراعظم پاڻ محمد بن سلمان جي گاڏي هلائيندو 

اسلام آباد (بيورو) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي پاڪستان دوري جو تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان 16 کان 17 فيبروري تائين پاڪستان جو دورو ڪندو ۽ وزيراعظم هائوس ۾ ترسندو. ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان ڪابينا سميت سعودي ولي عهد جي آجيان ڪندو جڏهن ته معزز مهمان کي ايئرپورٽ تان وزيراعظم هائوس وٺي وڃڻ لاءِ 2 پلان جوڙيا ويا آهن جنهن ۾ ممڪنا طور تي وزيراعظم عمران خان سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي گاڏي هلائيندو، ٻي پلان ۾ مهمان هيلي ڪاپٽر جي ذريعي وزير اعظم هائوس روانو ٿيندو. ذريعن ٻڌايو آهي ته سعودي علي عهد 4 جهازن سان گڏ لينڊ ڪندو،  پاڪستاني فضائي حدن ۾ معزز مهمان جي جهاز کي جي ايف 17 پروٽوڪول ۾ وٺندا ۽ پاڪستان آمد تي هن کي جي ايف ٿنڊر جي سلامي به ڏني ويندي. معزز مهمان کي وزير اعظم هائوس اچڻ تي گارڊ آف آنر ۽ 21 توپن جي سلامي ڏني ويندي .جڏهن ته ايوان صدر ۾ ڊنر ڏنو ويندو.  ذريعن موجب ولي عهد محمد بن سلمان سان گڏ 102 ڄڻ جو وفد هوندو جن ۾ ڪجهه مهمان اسلام آباد جي نجي هوٽل ۾ترسندا ۽ ان سلسلي ۾ 8 هوٽلن جي بڪنگ ڪئي وئي آهي، مهمانن جي سيڪيورٽي لاءِ 123 شاهي محافظ اڳ ئي پاڪستان پهچي چڪا آهن جيڪي اسلام آباد جي 8 هوٽلن جي نگراني به ڪندا جڏهن ته وزيراعظم هائوس ۽ 8 خانگي هوٽلن جي سيڪيورٽي پاڪ فوج جي حوالي ڪئي وئي آهي. پاڪستاني حڪومت سعودي وفد لاءِ 300 لينڊ ڪروزر مقرر ڪيون آهن، خاص مهمان کي وي آءِ پي سيڪيورٽي فراهم ڪئي ويندي. ذريعن موجب وڌيڪ ٻڌايو ويو ته 80 ڪنٽينرن تي سعودي ولي عهد جو سامان 90 ٽرڪن ۾ پهچايو ويو جن ۾ هن جي ذاتي استعمال جي شين سميت ڪافي مشين به پاڪستان پهچائي وئي آهي جڏهن ته محمد بن سلمان جي ذاتي استعمال لاءِ ڪجهه گاڏيون به سعودي عرب کان پاڪستان آيون آهن. واضح رهي ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جي پاڪستان جي دوري ۾ ٻنهي ملڪن وچ ۾ 20 ارب ڊالرن جي معاهدي جي توقع ڪئي پئي وڃي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *