رياض(م ڊ) سعودي عرب جي ولي عهد محمد بن سلمان جو چوڻ آهي ته هو صحافي جمال خاشقجي جي قتل جي ذميواري قبول ڪري ٿو ڇو ته اِهو سندس اقتدار ۾ ٿيو آهي.خيال رهي ته سعودي ولي عهد استنبول ۾ قائم سعودي سفارتخاني ۾ صحافي جي قتل جي حوالي سان ان کان اڳ عوامي سطح تي ڪڏهن به اهڙي ڳالهه ناهي ڪئي.ياد رهي ته آمريڪي ڳجهي ادار ۽ ٻين اولهه حڪومتن الزام هنيو هو ته محمد بن سلمان صحافي خاشقجي جي قتل جا حڪم جاري ڪيا هئا پر سعودي اختيارين جو چوڻ هو ته ان ۾ ولي عهد جو ڪو به ڪردار ناهي.جمال خاشقجي جي قتل تي عالمي سطح تي ڪاوڙ ۽ ڏک سامهون آيو هو جنهن جي ڪري سعودي ولي عهد جي ساک کي به نقصان پهچايو ويو هو جنهن کان پوءِ هنن آمريڪا ۽ يورپي ملڪن جو ڪو به دورو ناهي ڪيو.