سعودي عرب کي 2034ع جي فيفا فٽبال ورلڊڪپ جي ميزباني ملي وئي
December 12, 2024 at 7:59 amسعودي عرب کي 2034ع جي فيفا فٽبال ورلڊڪپ جي ميزباني ملي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب اربع ڏينهن فٽبال جي عالمي تنظيم فيفا طرفان 2034ع جي ورلڊڪپ جي ميزباني سعودي عرب کي ڏيڻ جي تصديق ڪئي وئي.
سعودي عرب پهريون ڀريو فيفا مينز ورلڊڪپ جي ميزباني ڪندو.
سعودي عرب جي پنجن شهرن جي مختلف 15 گرائونڊ ورلڊڪپ ميچن جي ميزباني ڪندا.
ان کانسواءِ عالمي فٽبال جي گورننگ باڊيءَ تصديق ڪئي ته 2030ع جي ورلڊڪپ جي ميزباني مراڪش، اسپين ۽ پرتگال گڏيل طور ڪندا، ڏکڻ آمريڪا ۾ به ٽي ميچون کيڏيون وينديون