اسلام آباد (م ڊ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته سعودي عرب سان لاڳاپن ۾ وڇوٽيون هيون، جيڪي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جڏهن ته چين جو دورو به ڪامياب رهيو. سينيٽ اجلاس ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته ميمبرن سعودي عرب ۽ چين جي دوري جو ذڪر ڪيو، اطمينان رکو، انهن دورن ۾ اهڙي ڪا ڳالهه ناهي ٿي، جنهن سان ملڪ کي نقصان پهچڻ جو انديشو هجي. سندس چوڻ هو ته سعودي عرب سان لاڳاپن ۾ ڪجهه غلط فهمين جنم ورتو هو، جيڪي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي سين، سعودي عرب جيڪو پيڪيج جو واعدو ڪيو آهي ان سان معيشت بيهي رهي، رياض حڪومت وڏي رعايت ڏني آهي. چين جي دوري تي ڳالهائيندي هن چيو ته دورو ڏاڍو فائديمند هو، بيجنگ حڪومت کان وڌيڪ گهرائي پيدا ڪئي وئي آهي، ڏسڻو هو ته اسٽريٽجڪ لاڳاپا برقرار ۽ معاشي لاڳاپن کي هٿي ڪيئن ڏيڻي آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جو اوڀر ۽ اولهه ۾ ڀارت ڏانهن پيغام وڃڻ لازمي هو، اسان ٻه فيصلا ڪيا، ڊسمبر ۾ ڪابل ۾ ٽي ملڪي ڳالهيون ٿينديون، ڪابل ڳالهين ۾ چين، پاڪستان ۽ افغانستان هوندا. ايران پاڪستان گئس پائپ لائن تي اسان مٿان ڪرڙي نظر رکي ويندي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته يمن جي صورتحال ۾ پاڪستان جو ڇا ڪردار هجڻ گهرجي؟ يمن تڪرار جي حل لاءِ ٽياڪڙي ڏانهن اشارو ڏنو ويو، يمن جي صورتحال تي پاڪستان جو ڪردار هجڻ گهرجي يا نه؟ پرڏيهي پاليسي ۾ جيستائين ممڪن ٿي سگهي قومي اتفاق راءِ هجڻ گهرجي، عمران خان چيو مان چاهيان ٿو ته يمن ۾ ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪيان، نواز شريف به ٽياڪڙي جي ڪوشش ڪئي هئي پر کيس ڪاميابي نه ملي