سعودي شهرين لاءِ ويزا في ختم ڪئي وئي آهي: فواد چوڌري

رياض ( م ڊ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته اسان سعودي شهرين لاءِ ويزا في ختم ڪري ڇڏي آهي، سعودي شهرين کي پاڪستاني هوائي اڏن تي ويزا جاري ڪئي ويندي. رياض ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته وڏي انگ ۾ سعودي شهرين جي آمد سان عوامي رابطن کي هٿي ملندي، سعودي سياحن لاءِ پاڪستان اچڻ اسان جي معيشت لاءِ فائديمند هوندو. هن چيو ته سعودي ثقافت واري وزير جو پاڪستان جو گهرو ۽ ويجهو تعلق آهي، پاڪستان جا سعودي عرب سان ثقافتي لاڳاپا به آهن، سعودي عرب سان سياحت جي شعبي ۾ لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ جا وسيع موقعا آهن.  سندس چوڻ هو ته سعودي عرب سان پاڪستاني ڊرامن ۽ فلمن جي مٽاسٽا ڪئي ويندي، سعودي عرب سان پاڪستاني فلمن جي نمائش جي به ڳالهه ٿي آهي.  فواد چوڌري چيو ته اسان سعودي عرب سان ثقافتي شعبي ۾ ڀرپور سهڪار چاهيون ٿا، پاڪستاني ثقافت پنج هزار سال پراڻي آهي، وزيراعظم عمران خان جي اچڻ سان ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن ۾ گرمجوشي پيدا ٿي آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *