واشنگٽن(م ڊ )آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته هن سعودي بادشاهه شاهه سلمان کي ٻڌايو ته آمريڪي فوج جي حمايت بنا هو 2 هفته به اقتدار ۾ نه ٿو رهي سگهي.رياست ميسي سپي جي شهر سائوٿ هيون ۾ هڪ ريلي کي خطاب ڪندي دوران ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته اسان سعودي عرب جي حفاظت ڪري رهيا آهيون ۽ سعودي فوج کي ان جي لاءِ اسان کي ادائگي ڪرڻي پوندي.آمريڪي صدر اهو نه ٻڌايو ته هن شاهه سلمان کي اها ڳالهه ڪاٿي چئي، پر عوام کي مختلف انداز ۾ سعودي حڪومت تي پنهنجي اثر رسوخ بابت ٻڌائيندو رهيو. سعودي جي خابرو اداري موجب آمريڪي صدر ڇنڇر جي ڏينهن شاهه سلمان کي ٽيليفون ڪيو هو، جنهن دوران ٻنهي وچ ۾ تيل جي فراهمي، منڊين ۾ استحڪام جي لاءِ تيل جي فراهمي جي ڪوششن ۽ عالمي اقتصاي ترقي جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي هئي.