سعد رفيق تسليم ڪيو ته ن ليگ ڊڪٽيٽر شپ جي ڪُک ۾ پلي: عمران خان

لاهور (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان چيو آهي ته ن ليگ ملٽري ڊڪٽيٽر شپ جي پيداوار آهي، سعد رفيق تسليم ڪيو ته انهن جي پارٽي ڊڪٽيٽر شپ جي ڪُک ۾ پلي. صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان جو چوڻ هو ته ن ليگ اساما کان پئسا وٺي بينظير جي حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، ن ليگ وارا اسان کي درس ڏئي رهيا آهن ته جمهوريت خطري ۾ آهي. هن چيو ته 22 پارٽين 2013ع جي چونڊن ۾ ڌانڌلي جي ڳالهه ڪئي، نواز شريف پنهنجي چوري بچائڻ لاءِ جمهوريت کي تباهه ڪري رهيو آهي. عمران خان چيو ته پاڪستان ۾ قانون رڳو اپوزيشن لاءِ هوندو آهي، ملڪ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن طاقتور جو احتساب ڪيو پيو وڃي، پاناما مثالي ڪيس آهي، نئين پاڪستان جو بنياد رکيو پيو وڃي. هن چيو ته جيڪو به اسان جي پارٽي ۾ شامل ٿيندو آهي، اهو پي ٽي آءِ جي نظريي تي ايندو آهي.27

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *