اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي وزير اعظم نواز شريف جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ جي قانون کي سنگل رڪني بينچ ڪيئن ٻاهر اڇلائي ڇڏيو آهي ان ڪري حڪومت ٻيهر ملي ته ضروري بندوبست ڪنداسين. احتساب عدالت ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي نواز شريف جو چوڻ هو ته اسان سسٽم ۾ 10 هزار ميگا واٽ جو اضافو ڪري ڇڏيو آهي ۽ اسان جي وڃڻ تائين ڪا به لوڊشيڊنگ نه هئي، جيڪڏهن هاڻ بجلي پوري ناهي ته ذميواري نگران حڪومت جي آهي. نواز شريف چيو ته پارليامينٽ جي قانون کي سنگل رڪني بينچ ڪيئن کڻي ٻاهر اڇلائي ڇڏيو آهي، حڪومت ٻيهر ملي ته ضروري بندوبست ڪنداسين، قومي ڪميشن بڻجندي جيڪا حساب ڪتاب ڪندي. صحافي جي سوال ته ” ڊي جي آءِ ايس پي آر ڪالهه سوشل ميڊيا بابت ڳالهه ڪئي“ توهان ڇا چوندا جي جواب ۾ اڳوڻي وزير اعظم جو چوڻ هو ته هن ڊي جي آءِ ايس پي آر جي سڄي ڪانفرنس ناهي ٻڌي ان ڪري ڪجهه نٿو چئي سگهجي. هن چيو ته ماضي جي غلطين مان سبق سکيو آهي، پنهنجو گهر ٺيڪ ٿيندو ته سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو. صحافي نواز شريف کان سوال ڪيو ته الزام آهي ته ريحام خان جي ڪتاب پٺيان ن ليگ آهي، ان تي هن چيو ته ٻيو ڪجهه نه مليو ته اِهو الزام به لڳائي ڇڏيو. هڪ صحافي ڊي جي آءِ ايس پي آر جي پريس ڪانفرنس بابت وڌيڪ پڇيو ته ڊي جي آءِ ايس پي آر اِهو به چيو آهي ته هي سال تبديلي جو آهي، ان تي به نواز شريف جواب ڏيڻ کان پاسو ڪندي چيو ته سڄي پريس ڪانفرنس ناهي ٻڌي مون کي ناهي خبر ته هن ڇا چيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ نواز شريف چيو ته نيب چيئرمين کي موڪليل نوٽيس جو جواب ناهي آيو. هن چيو ته عمري لاءِ وڃڻ پئي چاهيم ته ڪيس هلي رهيو آهي.