سسٽم کي ڊي ريل ڪرڻ نٿا چاهيون، احتساب جو عمل اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (بيورو): پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي چيو آهي ته تحريڪ انصاف ۽ عمران خان عوام جو آواز بلند ڪيو، اپريل ۾ شروعات ٿي، اپريل ۾ ئي ان ڪيس جو فيصلو ايندو، ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاناما ليڪس ڪيس هڪ سال جي جدوجهد آهي، پاناما ڪيس ۾ ميڊيا جي ڪردار کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، اعليٰ عدالت ڌرين کي بردباري سان ٻڌو، هن چيو ته تحريڪ انصاف آواز نه اٿاري ها ته پاناما ڪيس دٻجي وڃي ها، سڀاڻي تاريخ جو اهم ترين فيصلو اچي رهيو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته جڏهن به پي ٽي آءِ عوامي رابطا مهم شروع ڪندي آهي، انهن کي تڪليف ٿيندي آهي، واضح ڪري چڪا آهيون، سسٽم کي ڊي ريل ڪرڻ نٿا چاهيون، احتساب جو عمل اڳتي وڌائڻ چاهيون ٿا، جيڪو ڪجهه چوڻو هو عدالت ۾ اسان جا وڪيل چئي چڪا آهن، خبر ناهي فيصلي بابت قيادت ڪهڙو فيصلو ڪيو آهي، هن چيو ته عوام جي عدالت ۾ منهنجي نظر ۾ فيصلو اچي چڪو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *