ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تعليم ۽ خواندگي واري صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو آهي ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪمپيوٽر ليب کي مڪمل طور تي فعال ڪيو وڃي. تعليم کاتي هاءِ اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪمپيوٽرز ۽ ان سان لاڳاپيل فرنيچرز جي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي، ڇو ته جديد دور ۾ ڪمپيوٽر جي تعليم جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. اها ڳالهه اڄ هن پنهنجي آفيس ۾ هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري تعليم اسڪولز مصطفيٰ جمال سيد ۽ سيڪريٽري تعليم ڪاليجز ڊاڪٽر رياض ميمڻ به موجود هئا. صوبائي وزير تعليم هدايت ڪئي ته اسڪولن ۽ ڪاليجن کي فراهم ڪيل ڪمپيوٽرز ۽ لاڳاپيل فرنيچرز جي فهرست کيس جلد کان جلد پيش ڪئي وڃي ۽ جن تعليمي ادارن ۾ انهن جي کوٽ آهي اتي ان کوٽ کي فوري طور تي پورو ڪيو وڃي. هن چيو ته هن جديد دور ۾ ڪمپيوٽر جي تعليم جي اهميت کان انڪار نٿو ڪري سگهجي ۽ سرڪاري تعليمي ادارن جي شاگردن کي ڪنهن به ميدان ۾ پوئتي رهڻ نه گهرجي. ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو ته جيڪڏهن ڪمپيوٽر جي تعليم ڏيندڙ استادن جي به کوٽ آهي ته ان کي به هنگامي بنيادن تي پورو ڪيو وڃي ته جيئن تدريسي عمل ۾ ڪابه رڪاوٽ پيدا نه ٿي سگهي. هن چيو ته لوڊشيڊنگ جي صورت ۾ متبادل بجلي جي فراهمي جو به انتظام ڪيو وڃي. تعليم کاتي ۾ فنڊز جي کوٽ نه آهي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته ان فنڊز جو جائز ۽ صحيح استعمال ڪيو وڃي.