ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ): وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميمڻ اسپتال، صفوراه ڳوٺ جو دورو ڪيو، دوري ۾ وڏي وزير سان صحت وارو صوبائي وزير سڪندر مينڌرو ۽ سيڪريٽر صحت فضل الله پيچوهو به گڏ هئا، وڏي وزير کي اسپتال جي مختلف شعبن جو معائنو ڪرايو ويو، جڏهن ته اسپتال انتظاميا کيس اسپتال جي مختلف وارڊن جو پڻ تفصيلي دورو ڪرايو، وڏي وزير اسپتال انتظامه کان مريضن کي فراهم ٿيندڙ سهولتن ۽ علاج متعلق معلومات پڻ ورتي، بعد ۾ وڏي وزير کي اسپتال انتظاميه هڪ تفصيلي بريفنگ پڻ ڏني جنهن ۾ کيس ٻڌايو ته ميمڻ اسپتال سنڌ حڪومت ۽ نجي ادارن جي مدد سان غريب ۽ بي پهچ مريضن جي پڻ خدمت ڪري رهي آهي، جڏهن ته اسپتال ۾ هر مريض لاءِ علاج جون سهولتون برابر ۽ معياري طور تي ڏنيون وڃن ٿيون، ان موقعي ته وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ حڪومت پاران سرڪاري اسپتالن جي بجيٽنگ سان گڏوگڏ خانگي اسپتالن جي مالي مدد به جاري رهندي، وڏي وزير وڌيڪ چيو ته منهنجو مقصد سنڌ جي عوام کي تعليم ۽ صحت جون بهترين سهولتون فراهم ڪرڻ آهي.