ڪولمبو ( م ڊ ) سريلنڪا ۾ ايسٽر جي تقريبن دوران گرجا گهرن ۽ هوٽلن ۾ ڌماڪن جي نتيجي ۾ 35 پرڏيهين سميت 207مارجي ويا جڏهن ته 400 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. سريلنڪا جي راڄڌاني واري شهر ڪولمبو سميت مختلف شهرن ۾ ايسٽر جي موقعي تي دهشتگردي جي وڏي ڪارروائي سامهون آئي آهي جتي گرجا گهرن ۽ هوٽلن کي نشانو بڻايو ويو آهي. حملن ۾ بابت تفصيل هوريان هوريان سامهون اچي رهيا آهن جڏهن ته سوشل ميڊيا تي پڻ چيو پيو وڃي ته گهٽ ۾ گهٽ 8 ڌماڪي ٿيا آهن ۽ فوتگين ۾ واڌ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي خابرو اداري موجب ڪارروائي ۾ ڪوچيڪاڊي، سينٽ سيبسٽن ۽ بيٽيڪولا چرچ ۾ ان وقت ڌماڪا ٿيا جڏهن ماڻهو مذهبي عبادت ۾ مصروف هئا. ڪولمبو ۾ ئي شانگري هوٽل ۽ سينيمين گرانڊ ۾ پڻ ڌماڪا ٿيا. واقعي بعد امدادي اهلڪارن زخمين کي ترت اسپتال پهچايو جتي ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. ڌماڪن کانپوءِ سريلنڪا جي گهرو وزارت رات وقت ڪرفيو جواعلان ڪري ڇڏيو آهي. سريلنڪن صدر مٿري پالاسري سينا عوام کي صبر ۽ حڪومت سان سهڪار ڪرڻ جي اپيل ڪئي آهي. صدر ڪولمبو سميت ملڪ جي وڏن شهرن ۾ صبح 6 وڳي کان شام 6 وڳي تائين ڪرفيو لاڳو ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته 22 ۽ 23 اپريل تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل هوندي. سڄي ملڪ ۾ سڪيورٽي ادارن کي الرٽ ڪيو ويو آهي.