سردار چانڊيو تي ڪيس داخل ٿيڻ خلاف نصير آباد ۾ جيالا روڊن تي اچي ويا، ڇتي نعريبازي

نصير آباد(رپورٽر) پ پ پ تعلقي توڙي سٽي جا جيالا پ پ پ ايم پي اي نواب سردارخان چانڊيو ۽ سندس ڀاء برھان خان چانڊيو مٿان ميھڙ ٿاڻي تي ٽن قتلن جو ڪيس داخل ٿيڻ خلاف روڊن تي نڪري آيا احتجاجي مظاھرو پريس اڳيان ڌرڻوسخت نعريبازي ڪيس ختم ڪرڻ جو مطالبوـ خبرموجب ڪالھ پ پ پ تعلقي ۽ سٽي پاران ھٿن م پارٽي جا جھنڊا کڻي احتجاجي مظاھرو ڪڍي پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو ھنيون ويو ان موقعي تي خطاب ڪندي پ پ پ تعلقي اڳواڻ ممتاز علي لنجواڻي ٽاؤن ڪاميٽي نصيرآباد جي واۂيس چيئرمين حاجي وزيرعلي ڦلپوٽو ڪاؤنسلر بخش علي چانڊيو پ پ پ سٽي اڳواڻ سردار  ضميرحسين مسڻ، روشن علي شيخ، محمد ھاشم ڏھر، سعيد احمد ڏھر منظورعلي شيخ حاجي منٺارعلي سيال رۂيس شمن علي چانڊيو ابراھيم چانڊيو چيو ت نواب سردار چانڊيو جو ڪنھن بہ جھيڙي سان تعلق نہ آھي سياسي ساک کي نقصان پھچاۂڻ لاء پ پ پ ايم پي اي مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آھي ھنن مطالبو ڪندي چيو تہ ڦوري طور تي نواب سردار خان چانڊيو ء ان جي ڀاء مٿان ڪوڙو ڪيس ختم ڪيو وڃي نہ تہ احتجاج جو داۂرو وڌايو ويندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *