سردار مير خالد احمد خان لنڊ ۽ علي نواز عرف راجا خان مھر جي آصف زرداري سان ملاقات

ڏهرڪي ( رپورٽ وجي ڪمار  ) سردار مير خالد احمد خان لنڊ ۽ علي نواز عرف راجا خان مھر جي آصف زرداري سان ملاقات، ڪراچي بلاول ھائوس ۾ اڳوڻي صدر آصف زرداري جي سردار خالد احمد خان لنڊ سان ڊگھي  اڪيلائي ۾ ضلعي گھوٽڪي جي سياسي صورتحال تي گفتگو، سردار راجا خان مھر بہ موجود تفصيل موجب ضلعي گھوٽڪي پ پ پ اڳواڻ سردار خالد احمد خان لنڊ جي اڳوڻي صدر آصف زرداري سان بلاول ھائوس ڪراچي ۾ اھم ملاقات ٿي گذري ملاقات دوران ٿيل ڳالھين جو تفصيل سردار خالد احمد خان لنڊ کان پڇيو ويو جنھن چيو تہ اڳوڻي صدر آصف زرداري سان ضلعي گھوٽڪي جي ايندڙ اليڪشن جي صورتحال بابت ڳالھ ٻولھ ٿي. ھن چيو تہ ڊگھي ملاقات ۾  تفصيلي اصف زرداري سان ملاقات ٿي ۽ وري سردار علي نواز خان مھر ۽ منھنجي گڏيل آصف زرداري سان ٻيھر ملاقات ٿي. ايندڙ اليڪشن ۾ ضلعي گھوٽڪي ۾ ڀرپور اليڪشن مھم ھلائي ويندي. ھن چيو تہ ھن مھيني جي آخر ۾ يا شروعات ۾ ضلعي گھوٽڪي ۾ پيپلز پارٽيء جو تاريخي جلسو ڪرايو ويندو. جنھن ۾ ضلعي گھوٽڪي جا لکين ماڻھوء شريڪ ٿيندا. ملاقات ۾ سردار علي نواز ۽ سردار خالد احمد خان لنڊ موجود ھيا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *