اسلام آباد(بيورو) جماعت اسلامي جي امير سينيٽر سراج الحق حلف نامي ۾ تبديلي ۽ فيض آباد ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيلن خلاف آپريشن جي معاملي تي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. سينيٽر سراج الحق فيض آباد ڌرڻي ۾ مارجي ويل راولپنڊي جي نوجوان زوهيب جي وارثن سان تعزيت کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته زاهد حامد جي استعيفيٰ جو مطالبو پهرين ئي مڃيو وڃي ها ته اڄ اها صورتحال پيدا نه ٿئي ها، عوامي رد عمل اچڻ کان پوءِ حڪومت کي پوئتي هٽڻو پيو. جماعت اسلامي جي امير جو چوڻ هو ته سياسي ڪرڻ سياستدانن ۽ فيصلو ڪرڻ عدالتن جو ڪم آهي، نواز شريف کي ڊي جي روڊ وارو رستو اختيار نه ڪرڻ گهرجي. سينيٽر سراج الحق وڌيڪ چيو ته موجوده صورتحال جي ذميواري حڪومت جي آهي، حلف نامي ۾ تبديلي هڪ سوچيل سمجيل سازش هئي جنهن ۾ وڏا ۽ بااثر ماڻهو ملوث هئا ۽ زاهد حامد انهيءَ ٽولي مان هڪ آهي. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ حڪومت خلاف سخت غصو ڏسڻ ۾ آيو هاڻ حڪومت پنهنجي رويي کي درست ڪري.