اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان ساهيوال سانحي تي ڏک ۽ڪاوڙ کي جائز قرار ڏيندي چيو آهي ته ذميوارن کي مثالي سزا ڏني ويندي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته مان قوم کي يقين ڏياريان ٿو ته منهنجي قطر جي دوري تان واپسي تي نه رڳو واقعي جي ذميوارن کي واقعي جي سزا ڏني ويندي پر پنجاب پوليس جي سموري ڍانچي جو جائزو وٺڻ بعد سڌارن جو عمل شروع ڪنداسين.