لاهور ( م ڊ ) ساهيوال سانحي جي جاچ ڪندڙ جي آءِ ٽي جي سربراهه اعجاز شاهه اڄ رپورٽ پيش ڪرڻ جو امڪان کي رد ڪري ڇڏيو. ذريعن موجب پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار اڄ سموريون مصروفيتون ختم ڪندي اڄ شام امن امان بابت اجلاس طلب ڪيو آهي. ذريعن موجب جي آءِ ٽي رپورٽ مخالف اچڻ تي آءِ جي پنجاب امجد جاويد سليمي سميت اعليٰ آفيسرن جي تبديلي جو امڪان آهي. آءِ جي پنجاب کي گورنر چوڌري محمد سرور جي تجويز تي مقرر ڪيو ويو هو. ٻئي طرف جي آءِ ٽي سربراهه اعجاز شاهه ساهيوال ۾ واقعي واري هنڌ جو دوري بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته فائرنگ ڪندڙ سي ٽي ڊي جا 6 اهلڪار گرفتار آهن جن جا بيان قلمبند ڪيا ويا آهن ۽ شروعاتي طور شاهديون گڏ ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته شروعاتي شاهدين ۽ ليبارٽري رپورٽ اچڻ بعد ئي ڪنهن نتيجي تي پهچنداسين ۽ ليبارٽري رپورٽ اچڻ بعد ئي رپورٽ وڏي وزير کي پيش ڪئي ويندي. سندس چوڻ هو ته واقعي جي شروعاتي رپورٽ ڏيڻ ممڪن ناهي، سائنٽيفڪ بنيادن تي جاچ ڪري حقيقت جي ڄاڻ حاصل ڪئي ويندي. جي آءِ ٽي سربراهه چيو ته سموريون شيون ڪليئر ٿيڻ تائين ڪجهه نه ٿو چئي سگهجي. واقعي واري هنڌ تي موجود شهرين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جي آءِ ٽي اچڻ کان اڳ کين ڪو به اطلاع نه ڏنو ويو، واقعي واري ڏينهن ڪيترائي ماڻهو موجود هئا پر رڳو چئن ماڻهن جا بيان قلمبند ڪيا ويا. ٻئي طرف پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار واقعي جي جاچ لاءِ وڌيڪ وقت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.