ڪراچي(م ڊ) سانگهڙ ضلعي جي هڪ بهادر ڇوڪري جيڪا هڪ فرسوده نظام ۾ عورتن لاءِ اتساهه جو سبب بڻجي وئي آهي، جتي عورتون ٻين شعبن ۾ پنهنجو نالو ڪمائي رهيون آهن اتي ارم به ايمبولينس هلائڻ جهڙو مشڪل ڪم چونڊيو آهي، سانگهڙ جي رهواسڻ ارم کي سنڌ حڪومت جي ماتحت اداري سنڌ انٽيگريٽيڊ ايمرجنسي اينڊ هيلٿ سروسز ۾ ايمبولينس ڊرائيور طور ڀرتي ڪيو ويو، کيس شروع کان ئي ڊرائيونگ جو شوق هو، ارم هڪ ايمبولينس ڊرائيور جي حيثيت سان پنهنجا فرض سرانجام ڏئي رهي آهي، هن سان گڏ ڪم ڪندڙ ٻيون ڇوڪريون به دنيا جي ڪنهن به پرواهه کان سواءِ پنهنجو ڪم سٺي نموني ڪري رهيون آهن.عورتن جي نالي پنهنجي پيغام ۾ ارم چيو آهي ته عورتون بي خوف ٿي اڳتي اچن ۽ تنظيمن ۾ شامل ٿي سماج جي تبديلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.