اسلام آباد (بيورو): چيئرپرسن اوگرا عظميٰ عادل سينيٽ ڪميٽي کي ٻڌايو آهي ته سانحو احمدپور شرقيه دکيل سگريٽ اڇلائڻ سان پيش آيو آهي، جڏهن ته ٽينڪر جو ايڪسپلوسو لائسنس به جعلي هيو، مير اسرار الله زهري جي صدارت يهٺ سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي پيٽروليم جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ اوگرا طرفان سانحه احمدپور شرقيه تي ڪميٽي کي بريفنگ ڏني وئي، چيئرپرسن اوگرا عظميٰ عادل ٻڌايو ته سانحي جي ذميدار ڪمپني کي هڪ ڪروڙ رپيا ڏنڊ لڳايو ويو آهي، سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ ڪل 11 هزار 704 آئل ٽينڪر معيار مطابق آهن، چيئرپرسن اوگرا ٻڌايو ته اسان جون ٽيمون آئل ٽينڪرز جي فٽنيس چيڪ ڪنديون، هن ان ڳالهه جو به امڪان ظاهر ڪيو ته اسان جي ان ڪارروائي تي لاڳاپيل ٽينڪرز وارا گوڙ ڪندا، سينيٽ ڪارروائي ۾ چيئرپرسن اوگرا جي بريفنگ دوران فتح محمد حسني جو چوڻ هيو ته 200 ماڻهو سڙي مري ويا ۽ لاڳاپيل ڪمپني رڳو هڪ ڪروڙ ڏئي بچي وئي، ان موقعي تي سينيٽر روبينا عرفان چيو ته رڳو ڏنڊ ڪافي ناهي، جنهن ڪمپني جو ٽينڪر هيو، ان کي بند ڪرڻ گهرجي، 25 جون تي بهاولپور نيشنل هاءِ وي تي احمدپور شرقيه جي هنڌ تي آئل ٽينڪر ڪلٽي ٿي پيو، جنهن بعد مقامي آبادي رستي تان تيل کڻي رهي هئي ته ان دوران خطرناڪ باهه ڀڙڪي اٿي، جنهن جي نتيجي ۾ موقعي تي موجود 200 کان وڌيڪ ماڻهو سڙي فوت ٿي ويا.