سانا ڪانفرنس ۾ سياسي جماعتن پاران سنڌ سڪائڻ خلاف ڀرپور جدوجھد جو اعلان

سنڌ جي سمورين ڌرين سنڌ سان ٿيندڙ زيادتين خلاف جدوجھد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.ڪيترائي ئي مسئلا آھن جيڪي سنڌ عرصي کان ڀوڳي رھي آھي، پر ھن وقت ٻھ اھڙا معاملا آھن جن جو دارومدار سنڌ جي مستقبل تي آھي.جنھن ۾ ھڪ سنڌو درياھ  تي مٿان کان پاڻي کي ٻڌي ان مان 6 عدد ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن. جنھن جو مقصد غيرآباد زمين کي پاڻي رسائڻ آھي، اھا زمين خاص پروگرام تحت ڪمپنين کي ڏني ويندي، جنھن سان سنڌ جي پاڻي جو وڏو حصو کنيو ويندو، جنھن سان اڳي ئي پاڻي کوٽ جو شڪار سنڌ ۾ رھيل سھيل ڪسر پوري ٿي ويندي ۽ سنڌ جو ھاري ناري، زميندار ۽ آبادگار جي پيٽ تي لت اچي ويندي، نھ رڳو ايترو پر ان سان سنڌ جي معيشت ويھي رھندي.ٻيو اھم مسئلو ڪجهھ وقت کان شروع ڪيل ڪاروپوريٽ فارمنگ آھي، جنھن سان سنڌ جي زمين غيرملڪي ۽ ملڪي ڪمپنين کي ڏئي ڪري مقامي ھارين، ننڍن زميندارن ۽ آبادگارن کي ڪناري ڪيو ويندو.جنھن سان بھ ڪيئي مسئلا پئدا ٿيڻ جا خطرا درپيش آھن.

سانا پاران ڪوٺايل پاڻي ڪانفرنس ۾ پ پ سميت شريڪ ٿندڙ سياسي پارٽين، اديبن ۽ دانشورن سنڌ  مان رٿيل نون ڪئنالن کي رد ڪري ڇڏيو.ڇنڇر ڏينھن  ڪراچي آرٽس ڪائونسل ۾ آمريڪا ۾ رهندڙ سنڌين جي تنظيم سانا طرفان سنڌو درياءَ جون ڇوليون جي عنوان سان ڪوٺايل سنڌ پاڻي ڪانفرنس کي ايس ٽي پي جي چيئرمين ڊاڪٽر  قادر مگسي، پ پ سنڌ جي صدر نثار احمد کھڙي، پ پ ( ش ڀ) جي باني چيئرمين شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند ذوالفقار ڀٽو جونيئر ، عوامي تحريڪ جي صدر ايڊووڪيٽ وسندٿري، سنڌياڻي تحريڪ جي صدر عمره سمون، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ بخشل ٿلھو، دانشور نصير ميمڻ، ايس يو پي اڳواڻ جگديش آھوجا، شبينا فراز، سانا جي صدر مقبول ھاليپوٽو ۽ ٻين خطاب ڪيو.

مقررن جو چوڻ ھو تھ ڪئنالن ٺھڻ سان سنڌ جون زمينون غير آباد ٿيڻ سان گڏ ماحولياتي اثر به ٿيندا. 6 نون ڪئنالن سان 12 ملين ايڪڙ زمين تباھ ٿيندي، ڪئنالن جي تعمير آبي دهشتگردي ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي. ھنن چيو تھ پاڻي اسان لاءِ زندگي ۽ موت جو مسئلو آھي، گرين اينيشٽو جي نالي تي سنڌ کي تباھه ڪيو پيو وڃي، جيڪو  قبول ناھي.ھنن جو اھو بھ چوڻ ھو تھ سنڌ جي ماڻھن جي اھا شڪايت درست آھي تھ  وفاق ھر دور ۾ ناڻي ۽ پاڻي جي معاملي ۾ زيادتيءَ ڪئي آھي.جنھن خلاف سمورين سياسي ڌرين  احتجاج رڪارڊ ڪرايو آھي، ھن وقت بھ سنڌ سان پاڻي جي معاملي ۾ ٿيندڙ زيادتيءَ  خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري آھي.سنڌ جي سمورين سياسي ڌرين جي چٽي موقف سامھون اچڻ باوجود وفاق پنھنجو ضد ۽ انا ڇڏڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.جنھن ڪري سنڌ ۾ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ عوام ۾ پکڙيل بي چيني وڌي رھي آھي.

جيڪڏھن سياسي پس منظر ۾ ڏٺو وڃي تھ وفاق جو اھڙو ضد خود وفاق جي سموري نظام جي نفي آھي، جنھن سان وفاق جي سگھاري ٿيڻ بدران ان سان وفاق ڪمزور ٿيندو پر ٻئي پاسي اھا بھ عجيب ڳالھھ آھي تھ سمورين دليلن ۽ ثبوتن سان اھو ثابت ٿي رھيو آھي تھ اھو عمل سڌي ريت سنڌ جي حق تلفي آھي، پوءِ پڻ وفاق ملڪ جي اھم صوبي سنڌ جي سخت خدشن ۽ تحفظات تي ڌيان ڏيڻ جي لاءِ تيار نھ آھي. ان ڪري ئي ماڻھن ۾ وفاق خلاف چڙ پئدا ٿي رھي آھي.

مقررن جو چوڻ ھو تھ سنڌ پنهنجي پاڻيءَ تي ڪنهن کي به ڌاڙو هڻڻ نه ڏيندي ۽ چولستان ڪئنال منصوبو سنڌ جي پاڻيءَ تي ڌاڙي جو منصوبو آهي جيڪو سنڌ کي قبول ناهي، ان موقعي تي ڪانفرنس ۾ تقرير ڪندي پ پ پ اڳواڻ  نثار کھڙي، وفاقي حڪومت کان سي سي آءِ جو اجلاس گهرائڻ ۽ تڪراري ڪئنال منصوبي تان هٿ کڻڻ جو مطالبو ڪيو  ۽ چيو ته وفاقي حڪومت تڪراري ڪئنال منصوبي تان دستبرداريءَ جو اعلان ڪري سنڌ جي عوام ۾ پيدا ٿيل بيچيني کي ختم ڪري.

ڏٺو وڃي تھ سنڌ ھڪ اھڙو صوبو آھي جيڪو ملڪ جي پاڻي واري نظام يا انڊس رور سسٽم موجب پوڇڙيءَ ۾ واقع آھي.جنھن ڪري جڏھن بھ مٿان کان واڌو پاڻي اچي ٿو تھ سنڌ  جو علائقو ٻڏي ٿو ۽ جڏھن مٿان کان پاڻي گھٽ ھوندو آھي تھ ان سان وري سنڌ سوڪھڙي جو شڪار ٿئي ٿي.جڏھن واڌو پاڻي اڇي ٿو، برسات ڪنھن سال وڌيڪ پئي ٿي تھ اھو باور ڪرايو ويندو آھي تھ ” ھيترو سارو پاڻي سمنڊ ۾ زيان ٿو ٿئي وڃي“ پر جنھن ڀيري سنڌ کي پنھنجي حصي جو گھٽ پاڻي ملي ٿو تھ ان وقت وفاق ۽ ان جي نمائندا خاموشي اختيار  ڪن ٿا. جتي درياھ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندا آھن اتي ڊيلٽا ٺھندا آھن، اتي درياھ زمين آباد ڪري ٿو، ان جي ڇڏيل لٽ سان اتي جي زندگيءَ کي جئندان ملي ٿو، ڳچ وقت کان سمنڊ ۾ گھربل پاڻي جي مقدار ڇوڙ نھ ٿيڻ سبب انڊس ڊيلٽا تباھ ٿي رھيو آھي.جنھن ڪري اتي جو ايڪو سسٽم گھڻو متاثر ٿيو آھي.اھا بھ حقيقت آھي تھ  انگن اکرن موجب  150 سالن کان سنڌ کان ان جي  پاڻي جو حصو  کسيو پيو وڃي ۽ ھاڻي وري اھڙي سڌي ريت وفاق سنڌ کي تباھه ڪرڻ جي رٿا رٿي آھي.

سنڌ کي وفاق پڻ مڪمل نظرانداز ڪري ڇڏيو آھي.جنھن ڪري وفاقي حڪومت سنڌ جي ماڻھن جي دانھن ڪوڪن تي ڪو بھ ڌيان ڏيڻ يا ان جي ڳالھھ ٻڌڻ جي لاءِ تيار نھ آھي.اھو بھ عجيب آھي تھ جڏھن ھڪ پاسي سنڌ جو ماڻھو، سياسي سماجي ڌريون ۽ خود سنڌ حڪومت انگن اکرن سان سنڌ سان ٿيندڙ زيادتيءَ جو ڪيس پيش ڪري رھيا آھن ۽ سنڌ ۾ پاڻي ۽ گرين انيشيٽو پروگرام خلاف لاڳاتار احتجاج جاري آھن ان ھوندي بھ وفاق پاران ايندڙ نمائندو معاملي جي حساسيت کي سمجڻ بدران رڳو “چرچي“ ۾ اھو چئي ٿو تھ سنڌ سان پاڻي جي معاملي ۾ زيادتيءَ  نھ ٿيندي.جيڪڏھن ڪٿي انصاف ھجي تھ انھن انگن اکرن سان اھو ثابت ڪري سگھجي ٿو تھ گرين انيشٽو ۽ 6 تڪرار ڪئنالن ٺھڻ سان سنڌ سڪي ويندي، پر وفاق ۽ اشرافيھ اھو قبولڻ لاءِ تيار نھ آھن.

 

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *