سال 2019ع ۾ ناقابل برداشت مهانگائي کان علاوه ٻئي ڪابه تبديلي ناهي آئي:پيپلز پارٽي

اسلام آباد:(بيورو) پيپلز پارٽي سال 2019 کي معاشي بدحالي جو سال قرار ڏيندي چيو آهي ته ناقابل برداشت مهانگائي کان علاوه ٻئي ڪابه تبديلي ناهي آئي.تفصيل موجب اسلام آباد ۾ پ پ جي جنرل سيڪريٽري نيئر بخاري پنهنجو بيان جاري ڪيو آهي جنهن ۾ حڪومت کي سخت تنقيد جو نشانو بنايو ويو آهي.پنهنجي بيان ۾ نيئر بخاري چيو ته 2019 ۾ عمران خان قومي معاملن مان مڪمل لاتعلقي ڏيکاري ۽ ڪابينه جو ڌيان ذاتي ملازمت تي رهيو. ملڪي ناڻي جون چاٻيون آءِ ايم ايف جي جي حوالي ڪيون ويون ۽ مهانگائي جي صورت ۾ عوام جي تڪليفن ۾ اضافو ڪيو ويو.پ پ اڳواڻ موجب ماني ۽ دوائون عام ماڻهو جي پهچ کان پري ٿي ويون آهن. جڏهن ته ڪردار ڪشي، الزام تراشي، بدزباني، بداخلاقي کي سرڪاري سرپرستي ۾ پروان چاڙهيو ويو.نيئر بخاري چيو ته سرڪاري وسائلن کي سياسي مخالفن جي خلاف استعمال ۽ احتساب جي نالي تي آصف زرداري ۽ پارٽي قيادت کي ذاتي انتقام جو نشانو بنايو ويو.ان سان گڏ ئي هن اهو به نعرو هنيو ته(ڦري ورتي ماني ڪيرائي ڇڏيو گهر) اهو آهي نئون پاڪستان.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *