اسلام آباد : (بيورو) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ڪنهن کي سازش ڪرڻ کان ڪو به روڪي نه ٿو سگهي، سازشون ناڪام ٿي وينديون. وزيراعليٰ سنڏ مراد علي شاهه نيب اسلام آباد ۾ پيشيءَ کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نوري آباد پائپ لائن ۽ ٽرانسميشن لائن بابت سوال ڪيا ويا، نيب کي سمون سوالن جا جواب ڏئي ڇڏيا آهن. هن چيو ته جاچ دوران هر ممڪن سهڪار ڪندس. سندس چوڻ هو ته ڊي جي نيب پهرين جي آءِ ٽي ۾ شامل نه هو، نيب جي اختيارين کي دعوت ڏني آهي ته ٿر اچن ۽ اسان جو ڪم ڏسن، اميد آهي ته نيب اختياريون منهنجي دعوت قبول ڪنديون. مراد علي شاهه چيو ته عدالت چئي چڪي آهي ته بلاول ۽ منهنجو نالو جي آءِ ٽي مان ڪڍو، منهنجو نالو زبردستي جي آءِ ٽي ۾ شامل ڪيو ويو آهي، مون کي ٻيهر طلب ڪرڻ بابت ڪجهه نه چيوويو آهي، نيب مون کي ٻيهر طلب نه ڪيو آهي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته جي آءِ ٽي پڙهو ته صاف لڳي ٿو ته منهنجو نالو زبردستي شامل ڪيو ويو آهي.