سائنس، رياضي ۽ انگلش جي مضمونن ۾ 5 هزار استاد ڀرتي ڪيا ويندا؛ ڄام مهتاب ڏهر

ڪراچي(هه آ)  تعليم ۽ خواندگي واري صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو آهي ته تعليم کاتو سائنس، رياضي، ڪمپيوٽر ۽ انگلش جي مضمونن ۾ جلد 5 هزار کان وڌيڪ استاد ڀرتي ڪندو ته جيئن معيار تعليم بهتر ٿئي ۽ ان مضمونن ۾ استادن جي ڪمي کي روڪيو وڃي. اها ڳالھ هن اڄ پنهنجي آفيس ٿيل هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪئي. اجلاس ۾ سيڪريٽري تعليم ڪاليجز پرويز احمد سيهڙ، ڊاڪٽر فوزيه خان، چيف انجنيئر فريد احمد صديقي، چيئرمين سنڌ ٽيڪسٽ بورڊ آغا سهيل ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. هن ان موقعي تي هدايت ڪئي ته تعليم کاتي ۾ گھڻي عرصي واريون موڪلون ڪندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ايڪس پاڪستان موڪل جي هر سطح تي حوصلا شڪني ڪئي وڃي. هن چيف انجنيئر ايجوڪيشن ورڪس کي به هدايت ڪئي ته هو ترقياتي ڪمن تي توجه ڏئي ۽ اسڪولن ۾ سولر سسٽم لڳائڻ واري معاملي کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري. يونيسيف جي هڪ وفد سان پنهنجي آفيس ۾ ڳالهائيندي تعليم واري صوبائي وزير ڄام مهتاب حسين ڏهر چيو ته سنڌ جي گھٽ ترقي يافته علائقن ۾ تعليم جي فروغ لاءِ وڏي انگ ۾ مهم هلائي پئي وڃي ۽ سنڌ ايجوڪيشن فائونڊيشن جي تحت هلندڙ 2 هزار اسڪولز ۾ ساڌا پنج لک کان وڌيڪ ٻار تعليم هيٺ آهن ۽ هر ٻار کي 750 روپيا مهينو فيس جي ڏس ۾ ادا ڪيا ويندا آهن. ان کان پهرين سماجي رڪن نذره جهان سان ملاقات جي دوران صوبائي وزير يقين ڏياريو ته تعليمي ادارن ۾ جسماني سزا تي پابندي لاڳو آهي ۽ ان سلسلي ۾ سنڌ حڪومت مڪمل قانون سازي ڪري رکي آهي پر ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته جسماني سزا جي خلاف رپورٽنگ جو نظام موثر بڻايو وڃي.  

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *