زينب قوم جي نياڻي هئي ان جي قتل سان سڄي قوم جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويو: چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس ميان ثاقب نثار چيو ته زينب قوم جي نياڻي هئي ان جي قتل سان سڄي قوم جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي ويوآهي خميس تي سپريم ڪورٽ ۾ الراضي ميڊيڪل ڪاليج ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس قصور ۾ زيادتي کان پوءِ قتل ڪيل ستن ورهين جي زينب بابت ريمارڪس ڏنا چيف جسٽس چيو ته زينب قوم جي نياڻي هئي هن واقعي سان مون کان وڌيڪ منهنجي زال گهر ۾ پريشان آهي واقعي سان سڄي قوم جو ڪنڌ شرم وچان جهڪي رهيو آهي چيف جسٽس اعتزازاحسن کي مخاطب ٿيندي چيو ته مون کي ڊاڪٽرن جي اهڙي ٽيم گهرجي جيڪا ميڊيڪل ڪاليج جي انسپيڪشن ڪري سگهي مان ڪالهه اوهان کي ٽي وي پروگرام ۾ ٻڌو مڃان ٿو ته اوهان کان سواءِ وڪيل تحريڪ نه هلي سگهي ها اوهان جو هي ڪردار ميڊيڪل ڪاليج جي معاملي تي به گهربل آهي اعتزازاحسن چيو ته وڪيل تحريڪ جو منفي پهلو اهو نڪتو جو جج متقبر ۽ وڪيل متشدد ٿي ويا چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته تڪبر هڪ ناسور ۽ جج جو موت آهي جج ۾ تڪبر اچي وڃي ته هو جج ناهي رهندو وڪيلن کي هٿ ٻڌي درخواست ڪيان ٿو ته تشدد نه ڪيو اڄ عدالتن ۾ هڙتال ڇو ٿي آهي جنهن تي اعتزازاحسن چيو ته قصور واقعي جي ڪري وڪيلن هڙتال ڪئي اهي چيف جسٽس ثاقب نثار ريمارڪس ڏنا ته قصور جو واقعو پاڪستان لاءِ شرمساري جو سبب آهي زينب اسان جي به ڌيءُ هئي قصور واقعي تي منهنجي زال پريشان وڪيل احتجاج ڪن پر هڙتال جائز نه آهي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس چيو ته صحت ۽ عدليه جهڙن شعبن ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو اعتزازاحسن کي اهڙن معاملن ۾ قانونساز طور پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو ڪيس جي ٻڌڻي ايندر هفتي تائين ملتوي ڪئي ويئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *