زينب قتل ڪيس: سپريم ڪورٽ جوابدار جي بينڪ اڪائونٽ جي دعويٰ ڪندڙ اينڪرپرسن کي طلب ڪري ورتو

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ زينب قتل جي ٻڌڻي سومر بدران آچر تي لاهور رجسٽري ۾ ڪندي. سپريم ڪورٽ قصور ۾ زيادتي کان پوءِ قتل ٿيل ننڍڙي زينب جي واقعي جو پاڻمرادو ورتو آهي جنهن جي گذريل ٻڌڻي دوران چيف جسٽس جوابدار جي عدم گرفتاري تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو هيو. پوليس گذريل ڏينهنَ ننڍڙي زينب جي قتل ۾ ملوث عمران کي گرفتار ڪيو جنهن کي عدالت 14 ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو. ميڊيا جي رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ زينب قتل ڪيس جي ٻڌڻي سومر بدران آچر تي لاهور رجسٽري ۾ ڪندي جنهن جي ڪاز لسٽ جاري ڪئي وئي آهي. عدالت ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب، آءِ جي جيل خانه جات ۽ ڊي جي فرانزڪ پنجاب کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏي آهن. جڏهن ته ڪيس جي جوابدار عمران جي بينڪ اڪائونٽن جي دعويٰ ڪندڙ اينڪرپرسن ڊاڪٽر شاهد مسعود کي به عدالت ۾ طلب ڪيو ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *