قصور(م ڊ) قصور ۾ زيادتي کان پوءِ قتل ٿيل معصوم زينب جي ماءُ پيءُ جو چوڻ آهي ته قاتلن جي گرفتاري تائين ڌيءَ کي دفن نه ڪنداسين. عمري جي ادائيگي کان پوءِ اسلام آباد پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي قصور ۾ زيادتي کان پوءِ قتل ٿيل نينگري جي والد جو چوڻ هو ته پوليس ٻارڙي کي ڳولهڻ ۾ سهڪار ناهي ڪيو، جيڪڏهن پوليس فوري طور تي ڪارروائي ڪري ها ته جوابدار گرفتار ٿي وڃن ها. ٻارڙي جي والد جو چوڻ هو ته جيستائين جوابدار گرفتار نه ٿيندا تيستائين ڌيءَ کي دفن نه ڪنداسين. هن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ آرمي چيف کان واقعي جو نوٽيس وٺڻ ۽ انصاف ڏيڻ جي اپيل به ڪئي