لاهور (م ڊ) دهشتگردي ٽوڙ عدالت زينب قتل ڪيس جي جوابدار عمران جو 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي کيس پوليس جي تحويل ۾ ڏئي ڇڏيو آهي. پنجاب جي ضلعي قصور مان اغوا ٿيل معصوم ٻارڙي زينب کي زيادتي کانپوءِ قتل ڪيو ويو هو، جنهن جو مڙهه ڪچري جي ڍير تان مليو هو ۽ پوليس 14 ڏينهن کانپوءِ ڪالهه جوابدار عمران کي گرفتار ڪيو هو، جيڪو ٻين 8 ٻارڙين جي قتل ۾ به ملوث آهي. جوابدار عمران کي پوليس دهشتگردي جي انت واري خاص عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي کيس اي ٽي سي جي جج شيخ سجاد جي عدالت نمبر هڪ ۾ پيش ڪيو ويو. پوليس جوابدار کي سخت سيڪيورٽي ۾ عدالت پهچايو، ان دوران جوابدار جو چهرو ڪپڙي سان ڍڪيل هو، جڏهن ته سندس عدالت ۾ پيشي دوران غير لاڳاپيل پوليس اهلڪارن ۽ اسٽاف کي ٻاهر ڪڍيو ويو. پوليس اختيارين جوابدار کان ڪيل پڇا ڳاڇا بابت رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي ۽ سندس 15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي هئي، سوالن جوابن کانپوءِ عدالت 15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست رد ڪندي 14 ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪري ورتو ۽ کيس پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.27