اسلام آباد (بيورو) جميعت علماءِ اسلام جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته پاڪستان جي تاريخ ۾ ختمِ نبوت کي بنيادي اهميت حاصل رهي آهي، ڪڏهن به قاديانن جي بنيادي حقن کي ناهي دٻايو ويو، اسلام آباد ۾ آل پارٽي تحفظِ ناموسِ رسالت ڪانفرنس کي خطاب ڪندي مولانا فضل الرحمان جو چوڻ هو ته توهينِ رسالت جو مسئلو ۽ قانون اهميت وارو آهي، پاڪستان ۾ توهينِ رسالت جي قانون جو خاتمو، آئين ۾ ترميم، عالمي ايجنڊا آهي، ختم نبوت خلاف عالمي ايجنڊا ٻڌيءَ سان ناڪام بڻائينداسين، ڪنهن کي زواريءَ مذهب بدلرائڻ جي اسلام اجازت ناهي ڏيندو.