اسلام آباد ( بيورو ) چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته منهنجي زندگي جا 2 ئي مقصد آهن، هڪ ڊيمن جي اڏاوت ۽ ٻيو قرض لاهڻ. سپريم ڪورٽ ۾ ڪچين آبادين بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪچين آبادين ۾ رهندڙ بدترين مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، ڪچين آبادين ۾ رهندڙ به انسان آهن. هن چيو ته رٽائر ٿيڻ کانپوءِ به ڊيمن جي اڏاوت ۽ قرض لاهڻ بابت ڪم جاري رکندس. سندس چوڻ هو ته اڄ پيدا ٿيندڙ هر ٻارڙو هڪ لک 17 هزار رپين جو قرضي آهي، اسان پنهنجي پنجن نسلن کي قرضي ڪري ڇڏيو آهي، اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن کي قرضي ڇڏي نه مرڻو آهي، ڊيمن ۽ پاڻي واري مسئلي کانپوءِ قرضن وارو ڪم شروع ڪنداسين.